روزانه ڪاوش

نوشڪي ڀرسان پاڪ-افغان بارڊر وٽ مقابلو،پوليس اهلڪار شهيد،2 هٿياربند مارجي ويا

جعفرآباد (ن ڪ) پاڪ-افغان بارڊر وٽ ڊاٽسن ڦر ڪري ويندڙ هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو، هڪ اهلڪار شهيد، 2 نامعلوم ڌاڙيل مارجي ويا، بلوچستان جي شهر نوشڪي ڀرسان پاڪ-افغان بارڊر وٽ گردي جنگل ۾ ڊاٽسن ڦر ڪري ويندڙ هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ دوبدو مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري هڪ پوليس اهلڪار عبدالرشيد شهيد ٿي ويو، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ 2 نامعلوم ڌاڙيل پڻ ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته 3 هٿياربند فرار ٿي ويا.