|
روزانه ڪاوش |
|
ميرپورخاص ۾ فلاحي پلاٽ تان تڪرار تيز، فائرنگ، هڪ ڄڻو مرڻينگ ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)ميرپورخاص ۾ تاريخي ٽانگه اسٽينڊ جي فلاحي پلاٽ تي لڪ چوري ۾ الاٽمينٽ بعد تڪراري شاپنگ سينٽر جي تعمير شروع ٿيڻ خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رات دير سان پلاٽ تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 23 ورهين جو پورهيت غلام رسول پٽ نيڪ محمد مغز ۾ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، ان کان اڳ ڪالهه سول سوسائٽي سان لاڳاپيل 15 شهرين ۽ سماجي ڪارڪنن فرسٽ سينيئر سول جج ميرپورخاص جي عدالت ۾ پٽيشن نمبر 160/08 داخل ڪرائيندي تعلقي ناظم ميرپورخاص، ٰٽي ايم او ميرپورخاص ، ٽي او انفرااسٽرڪچر، ضلعي حڪومت معرفت ڊي سي او، صوبائي حڪومت معرفت سيڪريٽري بلديات ۽ ٺيڪيدار نيشنل مارڪيٽنگ ڪمپني معرفت ايم ڊي محمد احسان کوکر کي ڌر بڻايو آهي، پٽيشن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته تانگه اسٽينڊ جو تاريخي پلاٽ فلاحي مقصد لاءِ آهي،جيڪو من پسند بلڊر کي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪيو ويو آهي، فوري طور عدالت ڪم بند ڪرڻ کانپوءِ اسٽي آرڊر جاري ڪري، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي اڄ ٻڌڻي رکي آهي.
|