|
روزانه ڪاوش |
|
ڪنڌڪوٽ لڳ مڙس هٿان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان زال قتل ڪنڌ ڪوٽ (ن ڪ) ڪنڌ ڪوٽ لڳ مڙس ڪارنهن الزام مڙهي نوجوان زال کي قتل ڪري ڇڏيو، رسالدار پوليس مير لياقت ڊومڪي جي رهواسي مير هزار کوسو پنهنجي نوجوان زال 22 سالن جي مسمات مجيدان کوسو تي بندوق جا فائر ڪري کيس ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا جو لاش ڪنڌ ڪوٽ اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.
|