سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

نوان جتوئي لڳ پوليس چڙهائي، پورهيت کي کنڀي سندس گهر ساڙي ڇڏيو

نوان جتوئي (ن ڪ)نوان جتوئي  لڳ مورو پوليس بااثر ماڻهو جي فرياد تي سندس زمين ۾ ويٺل پورهيت رجب ماڇي کي لڏو کڻي وڃڻ لاءِ چيو، پورهيت جي انڪار تي پوليس سندس ڪکائين گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، باهه لڳڻ ڪري  الهه تلهه سڙي ويو، جڏهن ته پورهيت جا ٻارڙا ۽ عورتون رڙيون ڪري ٻاهر نڪري آيون بعد ۾ پوليس کيس کنڀي وئي، جڏهن ته بعد ۾ پوليس خلاف نه دانهڻ تي کيس ڇڏيو ويو، ان سلسلي ۾  پورهيت رجب ماڇي ٻڌايو ته بااثر ڏانهن 22 هزار رهيل آهن، کانئس گهرڻ تي هن لڏي وڃڻ لاءِ چيو ۽ انڪار ڪرڻ تي پوليس ڪارروائي ڪئي آهي.