روزانه ڪاوش

قاضي احمد ۾ احتجاج ڪندڙن تي پوليس ڪڙڪي پئي،لٺبازي،شيلنگ،چڪرين ۾ ايس پي او سميت 5 ڄڻا زخمي

قاضي احمد (ن ڪ) قاضي احمد ۾ پوليس احتجاج ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي، لٺبازي، شيلنگ، چڪرين دوران ايس پي او سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، رپورٽ موجب درگاهه جمال شاهه جي گادي نشين پير قربان علي شاهه جي گهر ۾ لڳل ڌاڙيل جا جوابدار قاضي احمد پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف پير قربان شاهه پنهنجن مريدن سان قاضي احمد شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي اڳيان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻي نٽهڻ اس ۾ ويهي رهيو، جنهن سبب قومي شاهراهه 2 ڪلاڪ بند ٿي ويو، ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون ۽ سخت گرمي سبب مسافرن ۽ ڊرائيورن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو ۽ انتظاميا روڊ کولرائڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا، بعد ۾ قاضي احمد جاچ پوليس جي ايس ايڇ او غلام شبير مڱريو ۽ وڏي منشي پير سان ڳالهيون ڪري 3 ڏينهن ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو پئي ته اوچتو ايس پي او دولتپور رمضان جهتيال پهچي مظاهرين تي لٺبازي، فائرنگ، آنسو گئس جي شيلنگ شروع ڪرائي ڇڏي، جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، شهر اندر خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ شهرين ۽ دڪاندارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، مظاهرين ۽  پوليس جي جهيڙي ۾ ايس پي او رمضان جهتيال ۽ سپاهي هدايت الله جا مٿا ڦاٽي پيا، مظاهرين لياقت علي، معشوق علي، علي گل انڙ ۽ ٻيا لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا ۽ وڏي تعداد ۾ شهري ۽ مريد پهچي ويا، پوليس مظاهرين اڳيان بيوس بڻجي وئي ۽ اهلڪارن ڀڄي وڃي ٿاڻي اندر پناهه وٺي ٿاڻي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ ٿاڻي مان وقفي وقفي سان فائرنگ ۽ شيلنگ ڪندا رهيا، جڏهن ته قاضي احمد ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت پير قربان شاهه، سندس پٽ آصف شاهه سميت 30 سڃاتل ۽ 225 اڻسڃاتلن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي پي او نوابشاهه قاضي احمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او رحم حسين واسواڻو کي معطل ڪري لائين حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي احتجاج جو نوٽيس وٺندي ڊي پي او کي ٽن ڏينهن ۾ جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.