سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

سکر ۾ چرس لاءِ پئسا نه ڏيڻ تي همراهه زال کي ڪهي ڇڏيو

سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ موالي مڙس پنهنجي زال کي چرس خريد ڪرڻ لاءِ پئسا نه ڏيڻ تي ڇري سان ڪهي ڇڏيو، سکر جي سائيٽ ايريا ۾ رهندڙ هڪ شخص جاويد انڙ ڪالهه باک ڦٽي مهل پنهنجي 22 سالن جي زال مسمات ظهيران خاتون جو ڳلو ڇري سان ڪاٽي ڇڏيو ۽ چور چور جون دانهون ڪرڻ لڳو، جنهن تي ِٻيا گهر ڀاتي جنهن ۾ قتل ٿيل عورت جا ڀائر به شامل هئا جاڳي پيا، جن قاتل کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو مٿن ڇري الاري کانئن ڇڏائي ڀڄي ويو، هوڏانهن سائيٽ ٿاڻي تي مقتولا جي ڀاءُ محمد عيدن پاران جوابدار  خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته قاتل جاويد انڙ سندس ڀيڻ سان ڪجهه سال اڳ ۾ شادي ڪئي هئي، بعد ۾ هو نشي جو عادي ٿي ويو، جنهن تي سندس زال کيس نشي ڪرڻ کان روڪيندي هئي، گذريل رات هن پنهنجي زال کان چرس خريد ڪرڻ لاءِ پئسا گهريا، انڪار ڪرڻ تي کيس  ڳلو ڪاٽي قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل  شخص ان کان اڳ ۾ جيڪب آباد ضلعي ۾ رهندو هو، جتي هن پنهنجي هڪ ويجهي مائٽ عورت کي ماني دير سان ڏيڻ تي قتل ڪري ڇڏيو هو.