سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

صدر مشرف سان چونڊن کان اڳ هڪ هڪاڻي ٿيڻ گهرجي ها:قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان اي پي ڊي ايم سنڌ جي ڪنوينر مولانا اسد الله ڀٽو ترقي پسند هائوس تي ملاقات ڪئي، ملاقات دوران اي پي ڊي ايم مرڪز پاران  اعلانيل جدوجهد، سيمينارن ۽ جلسن کي سنڌ ۾ ڪامياب  بڻائڻ کانسواءِ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڳالهين دوران  اي پي ڊي ايم پاران رٿيل جلسن، ڪانفرنس ۽ تحريڪ کي عملي شڪل ڏيڻ توڙي تيارين جي سلسلي ۾ 6 آگسٽ تي  ڪراچي ۾ اي پي ڊي ايم جي صوبائي اجلاس ڪوٺائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، صحافين سان ڳالهائيندي  ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اي پي ڊي ايم جو اصولي موقف هو ته صدر پرويز مشرف سان اليڪشن کان اڳ هڪ هڪاڻي ڪرڻ گهرجي  ۽  عدليا کي 2 نومبر واري پوزيشن ۾  بحال ڪيو وڃي،  ڇو ته ڊڪٽيٽرشپ جي موجودگيءَ ۾ ٿيندڙ  چونڊن سان جمهوريت ۽ عوام کي ڪو فائدو نه ٿيندو، هن چيو ته وقت ۽ حالتن اسان جي موقف کي درست ثابت ڪيو آهي،هن چيو ته چونڊ مهم دوران بينظير ڀٽو جهڙي اعليٰ پائي جي ليڊر شهيد ٿي، چونڊن ۾ عوام پرويز مشرف، ان جي اتحادين ۽ پاليسين کي رد ڪري ڇڏيو، هو اڄ به سمورن اختيارن سميت اقتدار تي قابض آهي،هٽايل جج اڃا تائين بحال  ناهن ٿيا، عدليا جي آزادي لاءِ وڪيل اڄ به روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن.،مهانگائي عروج تي آهي ۽ بدامني چوٽ چڙهيل آهي. ان موقعي تي مولانا اسد الله ڀٽو ڳالهائيندي چيو ته اي پي ڊي ايم حڪومت کي  31 آگسٽ تائين پرويز مشرف کي هٽائڻ، جج بحال ڪرڻ، مهانگائي ختم ڪرڻ، بلوچستان ۽ قبائلي علائقن ۾ آپريشن بند ڪرڻ، قدرتي وسيلن تي صوبن جي مالڪي تسليم ڪري قومي وحدتن کي خودمختياري ڏيڻ ۽  12 مئي واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن کي سزائون ڏيڻ جي ڊيڊ لائين  ڏئي ڇڏي آهي.