سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

سامارو لڳ ٽن ٻارن جي ماءُ ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو

سامارو (ن ڪ) ساماري ويجهو ڪنري روڊ تي ڀوتراڻي موڙ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد جي رهواسڻ 3 معصوم ٻارڙن جي ماءُ 28 سالا شريمتي رامي زال شگن ڪولهي پنهنجي مڙس سان گاهه ڪرڻ جي معاملي تان ٿيل جهيڙي ۽ چماٽ کان ناراض ٿي پنهنجي گهر جي لانڍي جي ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. واقعي جي اطلاع تي سامارو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي آندو جنهن فوتڻ جي پيءُ ۽ شادي پلي رهواسي شگن ڪولهي جي فرياد تي سامارو پوليس اتفاق موت جي 174 جي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي.