دادو ۾ شهرين جي نشاندهي تي 4 ڦورو گرفتار،3 ايس ايڇ او جا ڀائٽيا نڪتا

دادو(ن ڪ) دادو ۾ ٻن موٽرسائيڪلن جي ڦرجڻ بعد شهرين جي نشاندهي تي پوليس 3 ڀائرن سميت 4  ڦورن کي گرفتار ڪري  ورتو، جن مان 3 ڀائر ايس ايڇ او جا ڀائٽيا ۽ هڪ مائٽ  ظاهر ٿيا آهن.ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب شهر ۾ ناليواري فنڪار عبدالله ملاح ۽ هڪ شهري رفيق جمالي کان 2 موٽرسائيڪلون ڦر ٿي ويون، جنهن بعد شهرين ڦورن جو پيڇو ڪيو ۽ ٽي بي اسپتال ڪالوني ۾ هڪ گهر ۾ پهتا ۽ پوليس کي  اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس ۽ شهرين ڄاڻايل گهر مان 4 ڦورن کي سوگهو ڪري ڦر جون 3 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون، ڦورن جي سڃاڻپ 3 ڀائرن   محمود سومرو،  عبدالله،  احمد سومرو ۽ سندن هڪ مائٽ طور  ظاهر ٿي، جن مان 3 ڀائر ايس ايڇ او موندر قربان سومرو جا ڀائٽيا آهن، جڏهن ته پوليس موجب 2 ڦورو فرار ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ گرفتار  ڦورن ايس ايڇ او  واهي پانڌي شمن ملاح جي ڀاءُ امير  ۽ مائٽ ارشاد طور ڪئي آهي، هوڏانهن شهر ۾ سرگرم ڦورن جي ٽولي جو پوليس آفيسرن سان واسطو هجڻ بعد پوليس آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، عوام جي تحفظ جي دعويدار پوليس آفيسرن جو اولاد ڦورو ظاهر ٿيڻ واري عمل کانپوءِ شهرين ۾ حيرانگي پکڙجي وئي آهي. معلومات موجب گذريل رات دير سان ٿيل اهڙي واقعي کي ڳجهو رکيو ويو هو جيئن پوليس آفيسرن کي ڪارروائي کان بچائي سگهجي، ان سبب ئي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود واقعي بابت دادو ٿاڻي تي ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي پر گرفتار ٿيلن جي آزاديءَ لاءِ سفارشي ماڻهن جي وڏي قطار لڳي وڃڻ بعد پوليس آفيسرن جو اولاد ڦورو ظاهر ٿيڻ جي ڳالهه منظر عام تي اچي وئي، جنهن بعد ڊي پي او جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ آزاد نه ڪرڻ ۽ جوابدارن جي سفارش ڪندڙ پوليس آفيسرن کي معطل ڪرڻ جي هدايتن بعد دادو ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جون تياريون ڪيون پئي ويون. دادو پوليس ٻڌايو ته ڊي پي او کي اها رپورٽ ڏني آهي ته موٽر سائيڪلن جا مالڪ پاڻ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ نه ٿا چاهين، جنهن سبب ايف آءِ آر داخل ڪرڻ يا نه ڪرڻ وارو معاملو مونجهاري جو شڪار ٿي ويو آهي.معلوم ڪرڻ تي ڊي پي او دادو پرويز احمد چانڊيو ٻڌايو ته موٽرسائيڪلون چوري ڪندڙ گروهه کي پڪڙيو ويو آهي،ڪجهه جوابدار پوليس آفيسرن جا عزيز ٻڌايا پيا وڃن پر ڪيس هر صورت ۾ داخل ٿيندو فريادي نه آيا ته پوليس پاڻ فريادي بڻجي ڪيس داخل ڪندي ۽ جاچ هلي پئي جيڪي جوابدارن جي سفارش ڪندا، انهن پوليس آفيسرن کي معطل ڪيو ويندو.ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل ايس ايڇ اوزخلاف ڪارروائي لاءِ ڊي آءِ جي حيدرآباد کي رپورٽ ڪئي وئي آهي، هوڏانهن گرفتار ٿيل ۽ 4 ٻين امير ، ارشاد، امتياز چانڊيو ۽ وزير چانڊيو خلاف ڦر، 13 ڊي ۽ مقابلي جا ڪيس داخل ڪيا ويا،