خيرپور ۾ هٿياربندن هٿان همراهه قتل، واٽهڙو عورت زخمي

خيرپور (ن ڪ) خيرپور جي اوستا ڳاهي محلي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري 45 ورهين  جي نور الدين ڪٽوهر کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ واٽهڙو عورت مسمات امير خاتون پٺاڻ به زخمي ٿي پئي، جنهن کي سول اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، اي سيڪشن پوليس مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول جي سهري محمد صديق ڪٽوهر ٻڌايو ته مقتول جي ڌر جو خميسو ۽ درمحمد ڪٽوهر وارن جي ڌر سان ڪجهه سالن کان سڱاوتي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن تي جوابدارن نور الدين کي قتل ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول نور الدين جي ڌر هڪ سال اڳ پير جو ڳوٺ ۾ علي نواز ڪٽوهر کي قتل ڪيو هو ۽ نور الدين ان ڪيس ۾ جيل ۾ به ويو هو ۽ ڪجهه ڏينهن کان ضمانت تي آزاد ٿي ٻاهر آيو هو.