|
ڪوشش جي نيوز ايڊيٽر فاروق سومري کان ڏينهن ڏٺي جو موبائيل ۽ روڪ رقم ڦر حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) قاسم آباد ٿاڻي جي حد واڌو واهه روڊ تي فراز سينٽر ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿياربند روزاني ڪوشش حيدرآباد جي نيوز ايڊيٽر فاروق سومري کان موبائيل فون ۽ هڪ هزار رپيا ۽ پرس ڦري فرار ٿي ويا بعد ۾ ساڳيا هٿياربند قاسم آباد فيز ون جي علائقي مان هڪ ڄڻي توصيف کان سندس موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا، قاسم آباد ٿاڻي تي ڦر جي واقعن بابت رپورٽون داخل ڪرايون ويون آهن پر قاسم آباد پوليس جوابدار هٿ نه ڪري سگهي آهي، ٻئي پاسي مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ۾ اولڊ ڪيمپس ويجهو ڪار ۾ سوار ٿي هٿياربند هڪ ڄڻي ابراهيم کان 57 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڦر جي ويل ابراهيم ڪورٽ جو ملازم ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو وي سي جي رقم کڻي ويو پئي ته هٿياربندن اها واردات ڪئي.
|