|
پ پ وارا
جيئي ڀٽو جي نعرن جا حقدار ناهن،عوام ڀٽن جو ساٿ ڏئي:ممتاز ڀٽو
حيدرآباد/ٽنڊو
محمد خان (اسٽاف رپورٽر/ ن ڪ) سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه سردار
ممتاز علي ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان بحرانن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي،
ان کي ڪڍڻ لاءِ موجوده حڪمرانن ۾ ڪا به اهليت ناهي، سنڌين 25
سالن کان ساٿ نه ڏنو، هاڻ ڌڪا کائي واجهائين ٿا پيا، ڀٽو
خاندان کي سدائين قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي، هن اهڙو اظهار
حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ مختلف يونٽن جي افتتاح ۽ آجياڻن کي
خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته گڏيل قومون شهيد بينظير جي ڪيس کي
لبناني وزيراعظم حريري ڪيس جيان غير اهم بڻائي ڇڏينديون، هن
چيو ته پاڪستان کي هڪ نئين ذوالفقار علي ڀٽو جي ضرورت آهي، پ
پ شهيد بينظير جي نالي تي ڪاميابي ماڻي، پر سندس ايف آءِ آر به
داخل اڃا ناهي ٿي، ان موقعي تي ايوب شر، سيد محمود شاهه امروٽي
۽ ٻين به خطاب ڪيو. هوڏانهن ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ڀائي خان
ٽالپر ۾ فرنٽ اڳواڻ مير مظفر ٽالپر ۽ مير خالد ٽالپر پاران ڏنل
آجياڻي ۾ ممتاز ڀٽي چيو ته ضياءِ واري دور کان عوامي سياست جو
خاتمو آڻي، سياست کي اسٽيبلشمنٽ جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي،
هن چيو ته حڪمرانن جي 100 ڏينهن واري تبديلي پروگرام عوام کي
بک، بيروزگاري، بدحالي ۽ مهانگائي تحفي ۾ ڏني آهي، شهيد راڻي
بينظير ڀٽو جي خون سان ناانصافي ٿي رهي آهي، شهيد راڻي کي
ججن جي بحالي ۽ عوام کي سک ڏيڻ واري پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ کان
اڳ شهيد ڪيو ويو، پ پ وارا هاڻي جيئي ڀٽو جي نعري جا حقدار
نه رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ جو عوام هاڻي پ پ بدران شهيد ڀٽن
جي حقيقي وارث جو ساٿ ڏي، عوامي ميڙاڪي کي سنڌ نيشنل فرنٽ جي
مرڪزي سيڪريٽري ايوب شر، محمد ابراهيم، گل ميمڻ، مير مظفر
ٽالپر، حامد ڀرڳڙي، غلام محمد خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو.
|