|
نئين گاج وهي اچڻ بعد پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن
جي ڪنهن سار نه لڌي،دربدر،کاڌي پيتي جي شين جي شديد کوٽ
جوهي/واهي
پانڌي(نمائندن وٽان) نئين گاج جي وهي اچڻ بعد پاڻي ۾ ڦاٿل سوين
ڳوٺن جا ماڻهو در بدر بڻيل، چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا سندن
سار نه لڌي، شهرن سان رابطو ڪٽيل هجڻ ڪري وٽن کاڌي پيتي جي شين
جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ايف پي بند وٽ پاڻي جي چاڙهه
سبب آبپاشي کاتي پاران هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون، ان ڏس ۾
گذريل ٽن ڏينهن کان بلوچستان ۽ سنڌ جي جابلو پهاڙي سلسلن تي
پوندڙ برساتن جو پاڻي نئين گاج ذريعي جوهي تعلقي ۾ تباهي مچائي
ڇڏي آهي، جنهن سبب روڊ رستا ٽٽي وڃڻ ڪري هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن
جو زميني رابطو ڪٽيل هجڻ ڪري کاڌي پيتي جي شين جي شديد کوٽ
پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته واهي-جوهي ٽٽل روڊ، سول نئين جي پل
جا ٻئي ڪپر بحال نه ٿيڻ ڪري هزارين ماڻهو دربدري واري زندگي
گذارڻ تي مجبور آهن، روڊ جي بحاليءَ لاءِ انتظاميا ڪو به تحرڪ
نه ورتو آهي، هوڏانهن ٽن ڏينهن کان هلندڙ نئين گاج جي تيز
وهڪري ۾ لاٿ اچي وئي، 6 فوٽن تائين وهڪرو اڃا تائين هلندڙ آهي،
جڏهن ته نئين گاج جو پاڻي سول ۽ ڦاٽ جي ذريعي ايف پي بند کان
چاڙهه شروع ڪري وهڪرو منڇر ۾ داخل ٿي ويو آهي. چيف انجنيئر
آبپاشي آغا اعجاز ايف پي بند جو هنگامي دورو ڪندي انجنيئر ۽
لاڳاپيل عملي کي رات ڏينهن ڊيوٽيون ڪرڻ ۽ برساتي گهارا ڀرڻ جو
حڪم ڏنو آهي، صحافين سان ڳالهائيندي چيف انجنيئر چيو ته ايف
پي بند اڃا تائين مضبوط آهي، وڌيڪ پاڻي اچڻ جي صورت ۾ آبپاشي
عملو هاءِ الرٽ آهي.هن وقت واهي پانڌي رستي تي ايندڙ ويندڙ
مسافر 3 سواريون استعمال ڪري رهيا آهن، جتي في ماڻهو جو ڪرايو
150 رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته نئين گاج جي آيل پاڻي
۾ ڦاٿل عوام جي چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا پاران سار نه
لهڻ ڪري اهي دربدريءَ واري زندگي گذاري رهيا آهن، 100 کان وڌيڪ
ڳوٺن جو رابطو شهرن کان ڪٽيل آهي ۽ 30 ڳوٺ اڃا تائين پاڻيءَ
هيٺ آهن.
|