|
روزانه ڪاوش |
|
حيسڪو پاران سحري ۽ افطار جي وقتن تي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان حيدرآباد (اي پي پي) حيسڪو طرفان سڄي سنڌ ۾ رمضان شريف جي مهيني دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو ويو آهي، حيسڪو جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب نئين شيڊيول مطابق رات 3 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين ۽ شام 7 وڳي کان رات جو 11 وڳي تائين لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي، ترجمان موجب سمورين گريڊ اسٽيشنن جي آپريشن سرڪل انچارجن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، باقي ٻهراڙين ۾ 8 ۽ شهر ۾ 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.
|