روزانه ڪاوش

مهانگائي، بدامني ۽ سياسي انتقامي ڪاررواين خلاف حيدرآباد ۾ايس يو پي طرفان سوين ماڻهن جي ريلي

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ  پارٽي پاران وڌندڙ مهانگائي، بک، بدحالي، بدامني ۽ سياسي انتقامي ڪاررواين خلاف حيدرآباد  ۾ ڪالهه صبح 11 وڳي ڌاري نسيم نگر چوڪ کان ميران محمد شاهه روڊ تائين سوين ماڻهن جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مين قاسم آباد،  وحدت ڪالوني ۽ ٿڌي سڙڪ کان ٿيندي ميران محمد شاهه روڊ تي پهتي، سيد زين شاهه، دودو مهيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي جڏهن ٿڏي سڙڪ تي پهتي ته روڊ بلاڪ ٿي ويو، شهباز بلڊنگ اڳيان سوين ماڻهو احتجاج ڪندا رهيا، جنهن دوران زين شاهه، ڊاڪٽر دودو مهيري ۽ ٻين اڳواڻن ڄامشوري ضلعي ۾ پارٽي ڪارڪنن  خلاف ٿيندڙ سياسي انتقامي ڪاررواين بابت آر پي او حيدرآباد فياض لغاري سان ملاقات ڪري هڪ يادداشت نامو پيش ڪيو ۽ هيستائين پارٽي ڪارڪنن خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو،  احتجاجي ريلي بعد ۾ حيدرآباد جي ميران محمد شاهه روڊ  تي پهتي، جنهن دوران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه  به پهتو، ريلي کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته اٽو ۽ لٽو ڏيڻ جي نعري تي ووٽ حاصل ڪندڙ موجوده حڪومت سنڌ جي عوام کي بک، بيروزگاري ۽ وڏيون تڪليفون ڏنيون آهن، تنهن ڪري  عوام روڊن تي نڪرڻ تي مجبور آهي، موجوده حڪومت غربت، بک ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ بدران عوام کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي، موجوده  حڪومت جي غلط پاليسين سبب  ٿر جي ڪوئلي کي وفاق حوالي ڪيو ويو آهي، هن ٿر ڪول انرجي بورڊ ختم ڪري سنڌ اليڪٽريڪل  اٿارٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ،هن چيو ته موجوده حڪومت سياسي انتقامي  ڪاررواين ۽ مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، پر هاڻ حڪمرانن جو جيئڻ حرام ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا آهيون، ان موقعي تي ايس يو پي جي سيڪريٽري  جنرل زين شاهه چيوته موجوده حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪي سرحدون  محفوظ ناهن رهيون، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بدامني ۾ اضافو ٿيو آهي، ڊاڪٽر دودو  مهيري چيو ته حڪومت ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي  ڪري عوام جي وات مان گرهه کسي ورتو آهي، پارٽي وائيس چيئرمين پير خليل جان سرهندي، مولا بخش لغاري ۽ ٻين اڳواڻن پڻ ريلي  کي خطاب ڪيو، جڏهن ته آخر ۾ هٽايل ججن کي بحال ڪرڻ، مهانگائي ختم ڪرڻ، ٿر ڪول انرجي بورڊ کي ختم ڪرڻ جا ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. هوڏانهن ٽنڊو محمد خان ۾ ايس يو پي جي ضلعي صدر پير مسيع الله جان  سرهندي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي  جلوس ڪڍي ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو،  پير مسيع الله جان سرهندي، نياز خاصخيلي، سيد بشير شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.