|
روزانه ڪاوش |
|
ڳڙهي ياسين لڳ مارفاڻين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،2 ڄڻا قتل ڳڙهي ياسين(ن ڪ) گولو دڙو جي علائقي ۾ مارفاڻين جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا قتل، هڪ زخمي، علائقي ۾ خوف، خبر موجب گولودڙو ٿاڻي جي حد عيسان واهه ڀرسان مارفاڻي برادري جي هوتڪاڻي پاڙي جي ٻن ڌرين نواب ۽ حبيب الله ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ حبيب الله جي ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري نواب جي ڌر جي ٻن ڄڻن علي نواز ولد فيض محمد ۽ رحيم بخش عرف رهزن ولد امير بخش هوتڪاڻي کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو ۽ صاحب پٽ بچل سخت زخمي ٿي پيو، واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ فائرنگ ۾ تيزي اچي وئي جنهن ڪري علائقي ۾ سخت ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، اهڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پر آخري اطلاعن تائين لاش واقعي واري هنڌ پيل هئا ۽ پوليس نه پهتي هئي، ياد رهي ته هڪ سال پهرين ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ هڪ ئي ڏينهن نواب جي ڌر جا 6 ماڻهو جن ۾ عورتون، ٻار ۽ مرد شامل هئا ۽ حبيب الله جي ڌر جو هڪ مرد قتل ٿيو هو، جنهن جو فيصلو ڌرين جي سردار بابل خان ڀيو ڪيو هو، جنهن ۾ حبيب الله جي مٿان 25 لک ۽ نواب مٿان 4 لک چٽي پئي هئي ۽ ڏنڊ جي رقم جا اڌ پئسا پڻ نواب جي ڌر کي ڏنا ويا پر پوءِ به حبيب الله جي ڌر اڄ ٻيهر اڳرائي ڪري قتل ڪيا آهن،
|