روزانه ڪاوش

ڦلهڏيون لڳ اڳوڻي وفاقي وزير خير محمد جوڻيجي جو ڪمدار پراسرار نموني قتل

سنڌڙي (ن ڪ) ڦلهڏيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير محمد جوڻيجي ۾ ٽالهو جي رهواسي ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خير محمد جوڻيجي جو ڪمدار پراسرار نموني قتل ٿي ويو، گذريل رات 10 وڳي ڌاري عبدالحق شر اوطاق تان گهر ڏانهن روانو ٿيو پر صبح تائين گهر نه پهچڻ تي سندس ڳولا ڪئي وئي ته سندس لاش وونئڻن جي فصل مان مليو، ڦلهڏيون پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته نامعلوم ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مقتول 20 سالن کان خير محمد جوڻيجو جو ڪمدار هو، کيس 2 پٽ ۽ 3 نياڻين جو اولاد آهي.