|
حيدرآباد بورڊ پري انجنيئرنگ،
پري ميڊيڪل ۽ جنرل سائنس گروپ جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا،
شاگردياڻين شاگردن کي مات ڏئي ڇڏي
حيدرآباد (اسٽاف
رپورٽر) حيدرآباد بورڊ انٽر سائنس جنرل، پري ميڊيڪل ۽ پري
انجنيئرنگ گروپن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، شاگردياڻين
شاگردن کي مات ڏئي ڇڏي، پري انجنيئرنگ گروپ ۾ ڪل 6627 شاگردن ۽
شاگردياڻين کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، حيدرآباد سپيريئر
ڪاليج جي شاگرد سعيد حسن خان ولد ساجد حسين پٺاڻ 969 مارڪون
حاصل ڪري پهرين پوزيشن، ساڳئي ڪاليج جي محمد عمر ولد عبيدالله
آرائين 951 مارڪون کڻي ٻئين پوزيشن ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي
محمد جاويد ولد مشتاق علي ميمڻ 932 مارڪون حاصل ڪري ٽئين
پوزيشن حاصل ڪئي، ڇوڪرين ۾ سپيريئر سائنس ڪاليج حيدرآباد جي
شرمين ڌيءُ ڊاڪٽر عابد حسين شيخ 916 مارڪون کڻي پهرين، آرمي
انٽر ميڊئيٽ ڪاليج بدين جي شاگردياڻي عائشه احمد ڌيءُ مجيد
احمد 898 مارڪون کڻي ٻين ۽ نوابشاهه جي گرلز ڪاليج جي
شاگردياڻي فضا ڌيءُ هدايت الله 897 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن کنئي
آهي، پري انجنيئرنگ گروپ ۾ 228 شاگرد ۽ 33 شاگردياڻين سميت ڪل
261 اميدوار اي ون گريڊ ۾ پاس ٿيا، اي گريڊ ۾ 1056، بي ۾ 2157،
سي ۾ 2592 ۽ ڊي گريڊ ۾ 561 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو
آهي، پري انجنيئرنگ گروپ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جو تناسب
67.22 سيڪڙو رهيو، جن ۾ 66.44 سيڪڙو شاگرد ۽ 73.42 سيڪڙو
شاگردياڻيون شامل آهن، اهڙي طرح پري ميڊيڪل گروپ ۾ انٽر جي
4640 ڇوڪرن ۽ 6002 ڇوڪرين سميت ڪل 10642 اميدوارن کي ڪامياب
قرار ڏنو ويو آهي، سپيريئر سائنس ڪاليج حيدرآباد جي وقاص ولد
حافظ محمد عبدل راجپوت 943 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، ساڳئي
ڪاليج جي شاگرد عبدالباري ولد عبدالرشيد 928 مارڪون حاصل ڪري
ٻين ۽ بدين جي نيشنل ڪاليج آف سائنس ۽ آرٽ جي طاهر حنيف ولد
عبدالقادر 926 مارڪون حاصل ڪري ٽين پوزيشن ماڻي آهي، ڇوڪرين ۾
لطيف آباد يونٽ نمبر 6 جي ايڪسلينس ڪاليج جي شاگردياڻي انعم
مغل ڌيءُ محمد طارق 945 مارڪون کڻي پهرين حيدرآباد جي نذرٿ
گرلز ڪاليج جي عائشه فاروق ڌيءُ محمد فاروق 944 مارڪون کڻي ٻين
۽ نوابشاهه جي گرلز ڪاليج جي شاگردياڻي سائره ڌيءُ سعيد احمد
شيخ 939 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي، بورڊ طرفان جاري
ڪيل نتيجن موجب ميڊيڪل گروپ ۾ ڪل 14766 اميدوارن امتحاني فارم
ڀريا، جن مان 33 اميدوار امتحاني عمل مان غير حاضر رهيا ۽
14733 اميدوارن امتحانن ۾ حصو ورتو هو، نتيجن موجب ڪامياب ٿيل
اميدوارن مان اي ون گريڊ ۾ 481، اي ۾ 1999، بي ۾ 3634، سي ۾
4103، ڊي ۾ 424 ۽ اي گريڊ ۾ صرف هڪ اميدوار پاس ٿيو آهي، بورڊ
انتظاميا ميڊيڪل گروپ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جو تناسب 72.23
سيڪڙو ظاهر ڪيو آهي، جن ۾ 63.03 سيڪڙو شاگرد ۽ 81.42 سيڪڙو
شاگردياڻيون شامل آهن، جنرل سائنس گروپ ۾ 156 ڇوڪرن ۽ 211
ڇوڪرين سميت ڪل 367 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، انٽر
سائنس جنرل گروپ ۾ ڪو به اميدوار اي ون گريڊ حاصل ڪري نه سگهيو
آهي، جڏهن ته هڪ شاگرد ۽ 6 شاگردياڻين سميت ڪل 7 اميدوار اي
گريڊ حاصل ڪري سگهيا آهن، اهڙي طرح بي گريڊ ۾ 102، سي ۾ 200 ۽
ڊي گريڊ ۾ 58 اميدوارن کي ڪاميابي نصيب ٿي سگهي آهي، نتيجن
موجب ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جو تناسب 55.86 سيڪڙو رهيو، جن ۾
53.24 سيڪڙو ڇوڪرن ۽ 57.97 سيڪڙو تناسب ڇوڪرين جو رهيو،
هوڏانهن انٽر سائنس جنرل گروپ ۾ لطيف آباد يونٽ نمبر 6 جي سيفي
ڪاليج ڪمپيوٽر سائنس جي شاگرد شاهه رخ ولد عليم بيگ 816 مارڪون
کڻي پهرين، جي او آر ڪالوني جي ايجوڪيٽر ڪاليج جي طحى قاضي،
ولد نديم قاضي 734 مارڪون حاصل ڪري ٻين ۽ گورنمينٽ ڪاليج قاسم
آباد جي سڪندر ولد محمد اسلم ڪيريو 720 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن
حاصل ڪئي آهي، اهڙي طرح ڇوڪرين ۾ حيدرآباد جي حيات گرلز ڪاليج
حيدرآباد جي سدره ڌيءُ قمرالدين شيخ 836 مارڪون حاصل ڪري پهرين،
ڪوٽڙي جي گرلز ڊگري ڪاليج جي بشيران ڌيءُ محمد يونس قريشي 803
مارڪون کڻي ٻين ۽ ساڳئي ڪاليج جي مديحا ڌيءُ شاهي روان خان
پٺاڻ 787 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.
|