روزانه ڪاوش

قادرپور گئس فيلڊ جو وڪرو معاشي خودڪشي کان گهٽ ناهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد(پ ر) بهترين نفعو ڪمائي ڏيندڙ قومي ملڪيتون عالمي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ جو عمل نه رڳو هٿ وٺي ملڪي ترقي کي تباهي طرف وٺي ويندو پر اهڙي عمل ذريعي صرف  سامراجي ادارن کي خوش ڪري پنهنجي ملڪ جو ڏيوالو اکين سان ڏسي سگهجي ٿو، روزاني 3 ڪروڙ 75 لک جو نفعو ڪمائي ڏيندڙ قادرپور گئس فيلڊ وڪرو ڪرڻ معاشي خودڪشي ۽ ملڪي تباهي کان گهٽ نه آهي، اها ڳالهه عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر عبدالقادر رانٽي قادرپور گئس فيلڊ جي مزدور اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نجڪاري لازمي صرف پوئتي پيل غريب ملڪن لاءِ ڇو آهي؟، آمريڪا کان وٺي يورپ جي سرمائيدار ملڪن ۾ سمورا وڏا ادارا ڇو نٿا نجي ڪمپنين کي وڪرو ڪيا وڃن؟، اهڙو عمل جيڪڏهن تيزي سان ترقي ڏانهن وٺي ويندڙ آهي ته پوءِ سڀ کان اڳ ۾ ته فائدو سامراجي هڪ هٽي قائم ڪندڙ انهن ملڪن کي وٺڻ گهرجي، جنهن ذريعي انهن ملڪن جي طاقت اڃا به 50 هوڻي وڌي سگهي ٿي، ائين ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته سامراجي ڪمپنيون ۽ ادارا پٺتي پيل غريب ملڪن ۽ عوام جي رت نپوڙي کين مڪمل هڏن  جو پڃرو بڻائي سڪرات واري صورتحال ۾ اڇلڻ چاهين ٿا، هنن چيو ته حڪمرانن ۾ ٿورو به ملڪ ۽ عوام سان وفاداري جو احساس آهي ته پوءِ اهو ٻڌائين ته ڪو به ملڪ نفعو ڪمائي ڏيندڙ ادارا کپائڻ لاءِ ڇو تيار نه آهي، هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾قادرپور گئس فيلڊ کي نه وڪرو ڪيو وڃي، اهڙو قدم ترقي بدران تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جي عالمي سامراجي ڪمپنين جا شرط مڃڻ کانسواءِ اسان صفا زندهه نٿا رهي سگهون ته پوءِ بيمار صنعتون، خساري وارا ادارا ڇو نٿا کپايا وڃن، هنن گئس فيلڊ جي مزدورن کي يقين ڏياريندي چيو ته پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي سامراج جي سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو.