|
ڪراچي ۾ وڌيڪ 5 ڪاليج قائم ڪيا
ويندا،ميرٽ ڪلچر رائج ڪبو:پير مظهر
ڪراچي(بيورو
رپورٽ) سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق چيو آهي ته
تعليم ۾ ميرٽ ڪلچر کي رائج ڪري سياسي مداخلت جو هميشه لاءِ
خاتمو ڪيو ويندو، ايندڙ سال ڪراچي ۾ نوان ڪاليج قائم ڪيا ويندا،
ڪراچي سنڌ جي جان آهي، ڪراچي جي ترقي ملڪ جي ترقي آهي، اهڙن
خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي ڳوٺ منظور ڪالوني ۾ نئين ڪاليج جي
افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي چيو، سينيئر صوبائي وزير ان
موقعي تي تعمير ٿيندڙ 3 گرلز ڪاليجن کي شهيد بينظير ڀٽو ۽
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالن سان منصوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو،
صوبائي وزير 5 ڪاليجن ۾ اسٽاف ۽ ٻيون جديد سهولتون ڏيڻ جو به
حڪم جاري ڪيو. هوڏانهن پيرمظهر الحق چنيسر ڳوٺ جي گورنمينٽ
بوائز ۽ گرلز پرائمري (اردو ۽ سنڌي ميڊيم) جي اچانڪ دوري تي
پهچي ويو، اسڪول جي هيڊ ماستر سميت استاد غيرحاضر هئا، ان
موقعي تي وزير تعليم غيرحاضر استادن کي معطل ۽ هيڊماستر کي
شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو.
|