|
سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊن جو
ڪنٽرول صوبي وٽ هجڻ گهرجي:پيرمظهر
ڄامشورو
(پ ر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير تعليم ۽ سنڌ يونيورسٽي جي
پروچانسلر پير مظهرالحق چيو آهي ته سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊن
جو ڪنٽرول وفاق بدران سنڌ حڪومت وٽ هجڻ گهرجي جيئن ٻين صوبن جي
يونيورسٽين ۽ بورڊن جو ڪنٽرول صوبائي حڪومتن وٽ آهي، پرائمري
استادن کي 14هون گريڊ، سيڪنڊري استادن کي 16هون ۽ هائير
سيڪنڊري استادن کي 17هون ۽ 18هون گريڊ ڏنو ويندو، هن اهڙو
اظهار هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي مالي امداد سان سنڌ يونيورسٽي ۾
تعمير ٿيل نئين انتظامي بلاڪ جو افتتاح ڪندي ڪيو، ان موقعي تي
يونيورسٽي جي استادن، شاگردن ۽ اسڪالرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،
صوبائي وزير تعليم چيو ته يونيورسٽيون اسان جون آهن جن جي ترقي
۽ بهتري لاءِ اسان کي ئي اونو هجڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌ جي
تعليم جي حالت خراب آهي، ملڪ جي 15 هزار بند پيل پرائمري
اسڪولن مان ساڍا 7 هزار پرائمري اسڪول سنڌ جا آهن، صوبائي وزير
تعليم چيو ته اڳين حڪومتن طرفان ورلڊ بئنڪ سان ڪيل معاهدي تحت
استادن جي ڀرتي لاءِ 60 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن جي ڀرتي
مشروط ڪئي وئي هئي جيڪا سنڌ جي ماڻهن سان سراسر زيادتي آهي پر
سندن مجبوري آهي ڇو ته ان لاءِ ورلڊ بئنڪ پئسا ڏئي رهي آهي، هن
چيو ته وڏي بدقسمتي اها آهي ته استادن جي ڀرتي لاءِ ٻين صوبن ۾
استاد تعليمي قابليت تي ڀرتي ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ ۾ استادن جي
ڀرتي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ ورتي هئي، هن چيو ته هر صوبي وٽ
پنهنجي يونيورسٽين ۽ بورڊن جو ڪنٽرول آهي پر صرف سنڌ جي
يونيورسٽين جو ڪنٽرول وفاق وٽ آهي، هن اعلان ڪيو ته سنڌ
يونيورسٽي جي ملازمن لاءِ رهائشي ڪالوني ۾ وڌيڪ ڪوارٽر ٺهرايا
ويندا ۽ ملازمن لاءِ سرڪاري زمين ڏيارڻ لاءِ اپاءُ ورتا ويندا،
تقريب ۾ وي سي مظهر الحق صديقي، مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس
چانسلر ڊاڪٽر عبدالقدير راجپوت، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ يوسف لغاري،
پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر رفعيه احمد شيخ، استادن ۽ شاگردن جي وڏي
تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
|