احمد فراز ريڊيو جي اسڪرپٽ ليکڪ طور عملي زندگي ۾ پير پاتو

حيدرآباد:ناليواري شاعر احمد فراز پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ريڊيو پاڪستان تي اسڪرپٽ ليکڪ سان ڪئي، هن پشاور يونيورسٽي ۾ اردو پڙهايو، 1976ع ۾ اڪيڊمي ليٽرز جو باني ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، بعد ۾ اتان کان ئي چيئرمين جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو، احمد فراز بعد ۾ ڪيترن ئي سالن تائين نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد جو چيئرمين رهيو.