روزانه ڪاوش

شعيب اختر پابندي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شعيب اختر ڪالهه پاڻ تي لڳايل پابندي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، ڪرڪيٽ بورڊ ڊسيپلين جي خلاف ورزي تي شعيب اختر تي 5 سالن جي پابندي لڳائي هئي، جنهن بعد اپيلٽ ٽربيونل ان کي ڏيڍ سال جو ڪري مٿس 70 لک ڏنڊ به وجهي ڇڏيو هو پر وري به شعيب اختر پنهنجي ڏيڍ سال واري پابندي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيوآهي، شعيب اختر جي وڪيل بلال منٽو چيو ته اسان 5 سال پابندي هڻندڙ ڊسيپلينري ڪاميٽي ۽ اپيل ٻڌندڙ اپيلٽ ڪاميٽي جي فيصلن کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڌر بڻايو ويو آهي، پابندي غيرقانوني طور لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ٻڌڻي اڄ کان شروع ٿيندي، واضح رهي ته شعيب اختر چئي چڪو آهي ته هو پابندي خلاف ايستائين وڙهندو جيستائين اها ختم نه ٿي ڪئي وڃي، هن چيو ته هو ملڪ لاءِ کيڏڻ چاهي ٿو.