|
ڪيون پيٽرسن انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم
جو نئون ڪپتان مقرر
لنڊن
(اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين ڪيون پيٽرسن کي
انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي،
واضح رهي ته آچر تي انگلينڊ جي ٽيسٽ ڪپتان مائيڪل وان سميت ون
ڊي ڪپتان پائول ڪولنگ ووڊ به اوچتي استعيفا ڏئي ڇڏي هئي، جنهن
بعد ڏکڻ آفريقا ۾ ڄاول ڪيون پيٽرسن کي انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم
ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو، لارڊز ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ
بورڊ جي سليڪٽر جيف ملڪه تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪيون پيٽرسن کي
ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڪيون پيٽرسن ورلڊ ڪلاس
ڪرڪيٽر آهي، سندس ڊريسنگ روم ۾ پڻ تمام گهڻي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽
اميد آهي ته پيٽرسن ٽيم جي ڪپتاني بهتر نموني ڪندو، 28 سالن جو
ڪيون پيٽرسن انگلينڊ جو 74 هون ٽيسٽ ڪپتان آهي ۽ هو ڏکڻ آفريقا
خلاف اوول ۾ ٿيندڙ چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي قيادت ڪندو،
ڪيون پيٽرسن چيو ته ڪپتاني سندس لاءِ وڏو اعزاز هجڻ سان گڏ وڏو
چئلينج به آهي پر مون کي تمام گهڻي خوشي آهي جو مون کي اهڙي
ذميواري سونپي وئي آهي، واضح رهي ته ڪيون پيٽرسن انگلينڊ ٽيم
جي هڪ ون ڊي ميچ ۾ قيادت ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ انگلينڊ کي
نيوزيلينڊ هٿان شڪست ملي هئي، هوڏانهن ڪپتاني جي ٻئي اميدوار
اينڊريو اسٽراس ڪيون پيٽرسن کي ڪپتان بڻائڻ جي حمايت ڪئي آهي،
ٻئي طرف ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي سيريز ۽ 20-20 ميچ لاءِ اسڪواڊ
جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪيون پيٽرسن (ڪپتان)، السٽر ڪڪ،
ليوڪ رائيٽ، اين بيل، روي بوپارا، اويس شاهه، پائول ڪولنگ ووڊ،
اينڊريو فلنٽوف، ميٽ پرائرر، اسٽيورٽ براڊ، ريان سائيڊ بوٽم،
گريم سوان، جيمز اينڊرسن، ڪرس ٽريمليٽ ۽ سمت پٽيل شامل آهن.
|