روزانه ڪاوش

راجر فيڊرر ۽ وليمز ڀيڻون ومبلڊن جي ڪوارٽر فائنل ۾پهچي ويون

لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) عالمي نمبر هڪ راجر فيڊرر آمريڪا جي وليمز ڀيڻن سيرينا وليمز ۽ وينس وليمز لنڊن ۾ هلندڙ ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، عالمي نمبر ون راجر فيڊرر ومبلڊن اوپن 5 ڀيرا کٽي چڪو آهي ۽ ڪالهه هن آسٽريليا جي ليٽن هيوٽ کي 6-7، 2-6 ۽ 4-6 تان شڪست ڏئي 6 هون ڀيرو ومبلڊن کٽڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي، جڏهن ته وومين مقابلن ۾ آمريڪا جون وليمز ڀيڻون سيرينا وليمز ۽ وينس وليمز پڻ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون آهن، سيرينا وليمز سندس هم وطن بيٿاني ميٽڪ کي 3-6 ۽ 3-6، جڏهن ته وينس وليمز روس جي اليسا کي 3-6 ۽ 4-6 تان شڪست ڏني.