ڪاوش اسپورٽس- پاڪستان-انگلينڊ ٽه ملڪي ٽورنامينت

جيف لاسن آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن کي راضي ڪرڻ لاءِ روانو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو آسٽريلوي ڪوچ جيف لاسن آءِ سي سي ٽاسڪ فورس جي درخواست تي نيوزيلينڊ روانو ٿي ويو آهي، جنهن بعد هو آسٽريليا پڻ ويندو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽر بورڊز ۽ رانديگرن جا پاڪستان ۾ چيمپئنز ٽرافي کيڏڻ بابت خدشا ختم ڪندو، جيف لاسن جي اوچتو روانگي سبب اهي افواهه پکڙجي ويا ته چيمپئنز ٽرافي لاءِ اسڪواڊ جي چونڊ ۾ سليڪشن ڪاميٽي سان اختلاف پيدا ٿيڻ سبب لاسن وطن روانو ٿي ويو آهي پر پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر شفقت نغمي چيو ته جيف لاسن آءِ سي سي ٽاسڪ فورس جي درخواست تي نيوزيلينڊ ويو آهي، جنهن بعد هو آسٽريليا به ويندو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز ۽ رانديگرن جا پاڪستان بابت خدشا ختم ڪندو، هن چيو ته قومي ٽيم جي چونڊ تي ڪوچ جي سليڪشن ڪاميٽي سان اختلاف راءِ ضرور ٿي سگهي ٿو پر ان جا اختلاف ناهن، هوڏانهن آءِ سي سي جي ترجمان چيو ته اسان جيف لاسن کي چيو آهي ته هو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ وڃي، هن ٻڌايو ته ٽاسڪ فورس به آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ملڪن جا دورا ڪندو ۽ اتي ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشنز، بورڊ ۽ رانديگرن کي پاڪستان وڃڻ لاءِ راضي ڪندو ۽ آءِ سي سي چاهي ٿو ته آسٽريليا جو اڳوڻو فاسٽ بالر ۽ پاڪستاني ڪوچ جيف لاسن به اتي اسان جي مدد ڪري، ڇو ته لاسن پاڪستان ۾ رهي رهيو آهي، واضح رهي ته آسٽريليا، نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون دهشتگردي سبب پاڪستان ۾ اچڻ کان لنوائي رهيون آهن.