روزانه ڪاوش

نسيم اشرف جي استعيفا اڃا تائين منظور يا رد نه ٿي سگهي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي استعيفا ڏيڻ کانپوءِ پي سي بي جي چيئرمين شپ تان استعيفا ڏيڻ واري ڊاڪٽر نسيم اشرف جي استعيفا باقاعده طور تي نه منظور ۽ نه ئي وري رد ڪئي وئي آهي، پي سي بي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نسيم اشرف کي زباني طور تي ان جي استعيفا کي قبول ڪرڻ جي اطلاع ملي وئي آهي پر ان کي ڪو تحريري اطلاع ناهي مليو، ڊاڪٽر نسيم اشرف جيڪڏهن استعيفا نه ڏئي ها ته هو هينئر تائين پي سي بي جو چيئرمين رهي سگهي پيو پر هن اڳوڻي صدر پوريز مشرف جي استعيفا جي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ پنهنجي استعيفا ڏئي پنهنجي اصوليت جو ثبوت فراهم ڪيو.