اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي،سڀ کان گهٽ شيئرز جو ڪاروبار ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪالهه ٻاڙائي رهي،مجموعي ڪاروباري شرح ۾ گهٽتائي جا سمورا اڳوڻا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن، عالمي مارڪيٽ جي شروعات ۾ ئي ڪاروباري سرگرميون منفي انداز سان شروع ٿيون ۽ اهو لاڙو پڄاڻي تائين برقرار رهيو، ٻاڙائي سبب 100 انڊيڪس 64 پوائنٽس جي لاٿ بعد 12289 پوائنٽس تي بند ٿي، جڏهن ته مجموعي ڪاروباري شرح هڪ ڪروڙ 15 لک شيئرز رهيو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ڪاروباري شرح جونئون رڪارڊ آهي، ان کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ڪاروباري شرح جو رڪارڊ هڪ ڪروڙ 50 لک شيئرز هو.
|