ايم ڪيو ايم کي به عوام چونڊيو آهي، نوڪرين ۾ انهن کي به ضرور حصو ڏنو ويندو:قائم علي شاهه

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ رڳو آبادي جي بنياد تي نه پر گهڻ رخي بنياد تي ڏيڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ اسان پنجاب جي حڪومت کي آمده ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ منهنجي وزيراعظم سان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ان  سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن اسان جي موقف کي درست قرار ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٽوٽل روينيو مان 70 سيڪڙو روينيو سنڌ مان حاصل ڪيو ٿو وڃي، ان ڪري اسان چاهيون ٿا ته اسان کي جائز حصو ملڻ گهرجي جيڪو اڳ ۾ نه مليو آهي. هو ڪالهه سکر ۾ خاص معاون پهلاج مل سان سندس ڀاءُ جي موت تي تعزيت بعد ميڊيا وارن سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي گهربل حصو ملي ويو ته پوءِ سنڌ ۾ خوشحالي ايندي ۽ عوام جا تمام گهڻا مسئلا حل ٿي ويندا. هن چيو ته ايندڙ 15 ڏينهن اندر اٽي ۽ ڀاڻ جي کوٽ وارا معاملا اسان حل ڪري وٺنداسين ۽ جيڪي ذخيرا اندوزي ڪري رهيا آهن تن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پرائس ڪنٽرول ايڪٽ تي جيڪي ڪامورا ۽ روينيو کاتي جا عملدار عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام ويندا تن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان اڳ ۾ پيپلز پارٽي سکر سٽي جي ڪارڪنن، سٽي جي صدر مشتاق سرهيو ، قاضي سميع ۽ اقليتن جي هڪ وفد راجڪمار واڌواڻي جي اڳواڻي ۾ وڏي وزير سان سکر ايئرپورٽ تي ملاقات ڪئي ۽ کيس مسئلن بابت ٻڌايو، ان کان اڳ وڏي وزير خيرپور جي ڦاٽ ڳوٺ ۾  ڳوٺن کي سوئي گئس جي فراهمي واري  منصوبي جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ بعد  ۾ سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ عورتن ۾ اٽو ۽ کنڊ ورهائي، هوڏانهن ڪراچي ۾ هڪ افطار ڊنر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد قائم علي شاهه چيو ته سرڪاري نوڪرين ۾ ايم ڪيو ايم کي به ضرور حصو ڏينداسين، عوام انهن کي به  ڪراچي ۽ حيدرآباد  مان چونڊيو آهي، هن چيو ته اسان جي ڪور ڪاميٽي جڙيل آهي، جنهن ۾ پ پ پاران سينيئر وزير ۽  ايم ڪيو ايم پاران پڻ اڳواڻ شامل آهن ۽ سمورا معاملا گڏيل صلاح مشوري سان حل ڪيا ويندا،  هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جا ٻه- ٻه وزير بنا کاتن  جي ڪم ڪري رهيا آهن کين جلد کاتا ڏنا  ويندا،  هن چيو ته  سنڌ  ڪابينا  جا ميمبر اهو نه  سمجهن ته کين هي کاتو ملندو يا هو کاتو واپس ورتو ويندو،  هن چيو ته  اهڙين   ڳالهين  سان  هرو ڀرو  مونجهارا پيدا ٿين ٿا، هن چيو ته  اسان ته هاڻي سيٽ ٿيا آهيون ۽ صدر جي چونڊ سان جمهوري عمل مڪمل  ٿيو آهي ۽ هاڻ اسان جو پورو ڌيان عوام جي  مسئلن جي حل تي آهن.