|
پنجاب حڪومت (ن) ليگ جو حق
آهي،98ع جون يادون تازيون ڪرڻ نٿا چاهيون:نواز شريف
اسلام
آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف
چيو آهي ته ٽڪراءَ جي سياست سياسي نظام متاثر ڪري سگهي ٿي، ملڪ
هن وقت سياسي قوتن ۾ ٽڪراءَ جي صورتحال برداشت نه ڪري سگهندو،
اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي پريس سيڪريٽري سان ملاقات
بعد پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان وفاق ۾ پ پ جي
مينڊيٽ جو احترام ڪيو ۽ پنجاب ۾ حڪومت مسلم ليگ (ن) جو جمهوري
حق آهي، هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته 98ع جي سياسي اختلافي
صورتحال جون يادون تازيون ٿي وڃن، نواز شريف وڌيڪ چيو ته نظام
جي بهتري لاءِ ضروري آهي ته سياسي قوتون ٽڪراءَ جو رستو ڇڏي
سهڪار جو رستو اختيار ڪن، هن چيو ته سياسي پارٽين کي هڪٻئي جو
مينڊيٽ تسليم ڪرڻ گهرجي.
|