اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ڪاميٽي جوڙڻ بعد 2 هفتن اندر 17 هين ترميم ختم ڪرڻ گهرجي،دهشتگردي سميت مک مسئلن جو حل پارليامينٽ آهي:نواز شريف

لاهور(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن)  جي قائد ميان نواز شريف مطالبو ڪيو آهي ته صدر آصف زرداري جي 17 هين ترميم ۽ 58 ٽو بي جي خاتمي واري اعلان تي فوري طور تي عمل ڪندي عيد کانپوءِ اعلانيل ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا ٻن هفتن اندر انهن ترميمن جو خاتمو ڪري ۽ ان ۾ وڌيڪ دير نه ڪرڻ گهرجي. هن اهو مطالبو عمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب وڃڻ وقت لاهور هوائي اڏي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مسلم ليگ  (ن) پنجاب جي صدر سردار ذوالفقار علي خان کوسي ، پنجاب حڪومت جي صلاحڪار پرويز رشيد ۽ ٻين نواز شريف کي الوداع ڪيو. نواز شريف ، پنهنجي والده ، گهر واري بيگم ڪلثوم نواز ۽ ٻين گهر ڀاتين سميت عمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب ويو آهي ۽ شريف خاندان جي ذريعن موجب هو عيد سعودي عرب ۾ ڪندو. صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي نواز شريف چيو ته دهشتگردي جي خاتمي خلاف ۽ آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان پاليسي پارليامينٽ ذريعي جوڙي وڃي، پارليامينٽ اندر ويٺل توڙي اي پي ڊي ايم سميت ٻين سياسي جماعتن کي گڏ ويهاري هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪا به هڪ جماعت يا شخصيت اڪيلي سر ان لائق ناهي جو اها هن معاملي تي ڪا پاليسي جوڙي يا ان جو ڪو حل ڪڍي سگهي. هن چيو ته هي انتهائي ڳنڀير ۽ ملڪ جي سلامتي جو معاملو آهي، ملڪ جي سلامتي خطري ۾ آهي، غريب ماڻهو پريشان حال آهي ۽ دهشتگردي جي ان قسم جي واقعن ۾ عام غريب ماڻهو مري رهيا آهن . هن حڪومت کي آڇ ڪئي ته هو ان طريقي سان پاليسي جوڙڻ لاءِ حڪومت جو هر قسم جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. نواز شريف هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پارليامينٽ خودمختيار آهي، 8 –9 سالن ۾ پارليامينٽ بي اختيار هئي ۽ ون مين شو هو سڀ فيصلا فرد واحد ڪندو هو پر هاڻي جڏهن پارليامينٽ بااختيار پارليامينٽ قائم ٿي آهي ۽ اها ڪجهه ڪرڻ جي قابل آهي ته ان کي پنهنجي خودمختياري جو ثبوت ڏيڻ گهرجي ۽ اسان کي پنهنجو فيصلو پارليامينٽ ذريعي دنيا کي ٻڌائڻ گهرجي، هونئن به اسان چوندا رهندا آهيون ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي ته پنهنجي نئين حڪمت عملي جوڙي ان جو اعلان پارليامينٽ کان ڪرائي دنيا کي ٻڌائڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ اهو فيصلو قوم جو فيصلو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آمريڪا سان لاڳاپن جو معاملو به پارليامينٽ تي ڇڏڻ گهرجي.