آصف کي سيڪيورٽي خدشن سبب وزيراعظم هائوس منتقل ڪيو ويو آهي:رحمان ملڪ

اسلام آباد(اي پي پي) گهرو مامرن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رحمان ملڪ چيو آهي ته سيڪيورٽي جي مسئلي سبب پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي وزيراعظم هائوس منتقل ڪيو ويو آهي. ڪالهه بي بي سي ريڊيو سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ ٻڌايو ته صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ ٻن اميدوارن رٽائرڊ جسٽس سعيد زمان صديقي ۽ مشاهد حسين سيد کي به ساڳئي نموني  سخت سيڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي. رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي ڀيڻ ۽ عظيم ليڊر محترمه بينظير ڀٽو کي وڃايو آهي ۽ اسان نٿا چاهيون ته ٻيهر ڪو اهڙو واقعو  ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصف علي زرداري اسان جي پارٽي جو شريڪ چيئرمين آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته موجوده صورتحال ۾ هو وزيراعظم هائوس ۾ محفوظ هوندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي سندس صدارتي دؤر ۾ حاصل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي ۽ اڳوڻي صدر هجڻ جي حيثيت ۾ سيڪيورٽي حاصل ڪرڻ سندس حق آهي. رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته اسان ته سندس (پرويز مشرف) جي چونڊيل ماڻهن کي ئي سندس سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو آهي. پرويز مشرف هن وقت ملڪ ۾ آهي ۽ آرمي هائوس ۾ ترسيل آهي، سندس مستقبل جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ رحمان ملڪ چيو ته پاڪ فوج جو اڳوڻو سربراهه هڪ مقرر مدي تائين پنهنجي سرڪاري رهائشگاهه ۾ ترسي سگهي ٿو.