ڄامشورو ۾ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي واقع CEAD يعني سينٽر آف ايڪسيلسنس ان آرٽس اينڊ ڊزائين جي عمارت موٽر وي، نيشنل هاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي جي سنگم تي واقع آهي. پاڪستان جي هر صوبي مان روڊ ذريعي پهچڻ بلڪل آسان آهي، جڏهن ته ٽرين ۽ بس جو سفر پڻ ان ڏس ۾ بلڪل مناسب ۽ آسان آهي. سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ۽ CEAD ساڳين حدن ۾ ئي قائم آهن.

تعارف

تعليمي پروگرام/ اڀياس جا شعبا

سينٽر انڊرگريجوئيٽ سطح تي هيٺيون ڊگريون آڇي ٿو:

* بيچلر آف فائن آرٽس (4 سال)

* پينٽنگ

* پرنٽ ميڪنگ

*اسڪلپچر

*منيئيچر پينٽنگ

* بيچلر آف ڊزائين (4 سال)

* ٽيڪسٽائيل ڊزائين

* ڪميونيڪيشن ڊزائين

* سيرامڪ ڊزائين

* بيچلر آف آرڪيٽيڪچر (5 سال)

    سينٽر ملڪ اندر شاگردن جي تفريحي ۽ معلوماتي دورن کي باقاعده ترتيب ڏيندو رهي ٿو. جنهن سان شاگردن کي پاڪستان جي ثقافت ۽ ورثي جي قدر ۽ قيمت بابت اندازو ۽ علم ٿئي ٿو.

سهولتون

لائبريري: سينٽر جي لائبريري ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ واقع آهي، جيڪا شاگردن ۽ اسڪالرز جي تعليمي،  تحقيقي ۽ معلوماتي گهرجن جو پورائو ڪري ٿي. هن سينٽر جي لائبريري سان گڏو گڏ شاگردن جي علمي گهرجن جي پورائي لاءِ ڄامشوري ۾ ٻيون به لائبريريون آهن، جهڙوڪ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري، MUET جي سينٽرل لائبريري ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي واري لائبريري.

هاسٽل جون سهولتون: پاڪستان جي ڏور ۽ پري کان ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ هاسٽل جون سهولتون دستياب آهن.

انٽرنيٽ سهولت: سينٽر جي سمورن شعبن ۾ انٽرنيٽ سهوليت مهيا ڪيل آهي، جتي شاگرد پنهنجي Theoritical گهرجن سان گڏو گڏ پريڪٽيڪل اسائنمينٽ ۾ مدد لاءِ ان جو استعمال ريفرنس ۽ ريسرچ طور ڪن ٿا.

سينٽر جا ورڪشاپس: سينٽر آف ايڪسيلينس جا ورڪشاپ شاگردن لاءِ مهارتن ۾ اضافي حاصل ڪرڻ واري تحقيق جا در کولين ٿا.

ايگزيبيشن هال: شاگردن جي ڊولپ ڪيل ڪم جي نمائش ڪرڻ يا ان کي متعارف ڪرائڻ جي ڏس ۾ ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ ايگزيبيشن هال واقع آهي جيڪو شاگردن ۽ فيڪلٽي کي پنهنجي اسڪلز، پروگريس ۽ ڪم جي ڊولپمينٽ کي اجاگر ڪرڻ ۽ متعارف ڪرائڻ جا موقعا فراهم ڪري  ٿو.

ٽرانسپورٽ: سينٽر کي بسن، گاڏين جو پنهنجو هڪ الڳ  ٻيڙو آهي، جيڪو شاگردن ۽ استادن کي پڪ اينڊ ڊراپ جون سهولتون فراهم ڪري ٿو.

 پبليڪيشن: سينٽر پاران 2008 کان باقاعده ”ڪاريگر“ جي نالي سان ڪوارٽرلي هڪ ”نيوز ليٽر“ جاري ڪيو وڃي ٿو.

داخلا لاءِ اهليت:  هن سينٽر ۾ داخلا ٽيسٽ ۽ انٽرويو لاءِ فقط اهي اميدوار اهل آهن، جن هائر سيڪنڊري/ انٽر ميڊئيٽ سرٽيفڪيٽ امتحان يا انهن جي مساوي امتحان ڪنهن به تسليم ٿيل انسٽيٽيوشن مان گهٽ ۾ گهٽ 45 سيڪڙو يا ان کان مٿي مارڪن سان پاس ڪيو هجي. جڏهن ته ٿرڊ ڊويزن ۾ پاس شاگردن کي داخلا لاءِ درخواست ڏيڻ جي ضرورت ناهي. انٽري ٽيسٽ ۾ ڪامياب شاگردن کي انٽرويو ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويندو. انٽري ٽيسٽ ۽ انٽرويو ۾ اعليٰ ترين گريڊ حاصل ڪندڙ شاگردن کي سينٽر ۾ داخلا ڏني ويندي.

انٽري ٽيسٽ ۽ انٽرويو:  سينٽر پاران منعقد ٿيندڙ ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ منعقد ڪيا وڃن ٿا. انٽري ٽيسٽن ۽ ٽيسٽ ۽ انٽرويو جي هنڌن بابت اميدوارن کي انفرادي طور تي اطلاع ڏنو وڃي ٿو. سنڌ صوبي سان واسطو رکندڙ اميدوارن کان درخواستون سينٽر جي آفيس پاران وصول ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ صوبي کانسواءِ ٻين علائقن مان داخلا لاءِ درخواست شاگردن کان لاڳاپيل صوبائي گادي وارن شهرن جهڙوڪ: سرحد واقع پشاور، پنجاب واقع لاهور ۽ بلوچستان واقع ڪوئيٽا ۾ کانئن امتحان ورتا ويندا آهن.

سيٽن جي ورهاست:  ڊگري ڪورسن لاءِ فرسٽ ايئر ۾ داخلائون قومي ادارن ۾ داخلائن جي ڏس ۾ حڪومت پاڪستان جي پاليسي مطابق ڏنيون وڃن ٿيون. هر هڪ ڊگري ڪورس ۾ سيٽون ملڪ جي مختلف صوبن مان درخواست گذارن کي هيٺين ريت ڏنيون وڃن ٿيون:

سنڌ                         50%

بلوچستان                              15%

سرحد                      15%

آزاد ڄمون  ۽ ڪشمير          3%

فاٽا                         2%

اتريان علائقا                          2%

وفاقي علائقا                         2%

Cead Kinship            2%

 انهيءَ سان گڏو گڏ 25 سيڪڙو سيٽون سيلف فنانس بنياد تي پڻ موجود آهن.

 

افتخار علي ڪنڌر

                پاڪستان هڪ تاريخي ملڪ آهي جنهن ۾ مختلف ثقافت تهذيب ۽ مذهبن جا ماڻهو رهن  ٿا هتي ڪيترائي سال پراڻا تاريخي ورثا  موجود آهن انهن تاريخي ورثن ۽ ثقافتن جي  اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آرٽ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي آرٽ ذريعي نه صرف ان جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو پر مختلف ثقافتن ۽ تهذيبن  جي وچ ۾ هم آهنگي پڻ پيدا ٿئي ٿي ۽ مختلف ثقافتن ۽ تهذيبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو هڪ ٻئي جي ويجهو اچن  ٿا اهڙي ئي مقصد لاءِ بر صغير ۾ 1875ع ۾  برطانيه جي حڪومت لاهور ۾ ”دي ميو اسڪول آف انڊسٽريل آرٽس The Mayo School of  Industrial Arts”“  هڪ ادارو قائم ڪيو جنهن کي اڳتي هلي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1958ع ۾ نيشنل ڪالeج آف آرٽس NCA، جو درجو ڏيئي تعليم کاتي حوالي ڪيو ويو جتي فائين آرٽس، ڊزائين ۽ آرڪيٽيڪچر ڊپارٽمينٽ موجود آهن پر جيئن ته اين سي اي NCA، ملڪ جو اڪيلو آرٽس جو ادارو آهي جنهن ۾ هڪ سال اندر 120 شاگردن کي داخلا ڏني ويندي آهي جيڪو ملڪ جي اڌ مٿئين حصي يعني پنجاب ۽ سرحد کي گهڻي حد تائين ڪور ڪري ٿو پر ملڪ جي حصي ڏاکڻي صوبي سنڌ ۽ بلوچستان جي اميدوارن کي سيٽن جو تعداد محدود هجڻ سبب ملڪ جي ان اڌ حصي جا اڪثر نوجوان آرڪيٽيڪچر، ڊزائين ۽ تخليقي آرٽس جي تعليم کان محروم رهجي وڃن ٿا. جنهن سبب ملڪ جو ڏاکڻيو حصو آرٽس، ڪرافٽ، ثقافت ۽ تاريخي ورثا ترقي نه ڪري سگهيو آهي ۽ اتي جو اتي ئي رهجي ويو جنهن ڪري ملڪ جي اڌ حصي سنڌ ۽ بلوچستان جيڪي ثقافتي ۽ تاريخي ورثن سان مالا مال آهن انهن جي ثقافت تاريخي ورثن جي آرٽ جي باري ۾ نوجوان نسل کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت کي محسوس ڪيو ويو ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي وائيس چانسلر مشهور اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر  غلام مصطفيٰ شاهه سنڌ ۽ بلوچستان ريجن ۾ هڪ نئون ڪاليج قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي نوجوان نسل کي روايتي پينٽنگ، گرافڪس آرٽس، اسڪلپچر  ٽيڪسٽائل ڊزائين، پبلسٽي ڊزائين، پراڊڪٽ ڊزائين ۽ سيرامڪس سان گڏوگڏ ملڪ جي تعميراتي ڪم ۽ بلڊنگ سيڪٽر ۾ وڌندڙ ترقي کي محسوس ڪندي آرڪيٽيڪچر جي تعليم پڻ ڏني جنهن جي لاءِ ”فيڊرل ڪاليج آرٽس اينڊ ڊزائين“ Federal College of Arts and Design، جي نالي سان نئون ادارو قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني ويئي جنهن ۾ ٽي فيڪلٽيون  (1) فائين آرٽس. (2) ڊزائين ۽ آرڪيٽيڪچر شامل آهن. جنهن جي لاءِ 73.754 ملين رپين جي پي سي-1 تيار ڪئي ويئي جيڪا پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومتي دور ۾ منظور ڪئي ويئي ۽ ان لاءِ مهراڻ يونيورسٽي بغير قيمت جي سنڌو درياهه جي ڪناري مست هوائن ۽ تعليمي شهر جي نالي سان سڃاتو ويندڙ ڄامشورو ۾ ملڪ جي چئني صوبن کي ملائيندڙ  مين سپر هاءِ وي ڀرسان 42 ايڪڙ زمين فراهم ڪئي ۽ ڄامشورو هڪ حساس طبيعت جي مالڪ آرٽسٽ لاءِ دنيا ۾ هڪ ننڍڙي جنت  کان گهٽ اهميت نٿو رکي. پاڪستان حڪومت فيڊرل ڪاليج آف آرٽس اينڊ ڊزائين لاءِ 1991ع ۾ فنڊ جاري ڪيا ۽ تعميراتي ڪم سنڌ يونيورسٽي جي نگراني ۾ شروع ٿيو ۽ 1999ع ۾ پهرين بيچ جي داخلا ڪئي ويئي ۽ ان کانپوءِ ٻئي بيچ 2000ع ۾ داخل ٿي ڪاليج بلڊنگ جو تعميراتي ڪم مڪمل نه هئڻ سبب انهن جا شروعاتي طور تي ڪلاس سنڌ جي يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس جي مٺا رام هاسٽل ۾ هلايا ويا ۽ تعليمي سرگرمين جي شروعات ڪئي وئي. جنهن کانپوءِ حڪومت ڪجهه سببن جي ڪري پراجيڪٽ سنڌ يونيورسٽي کان واپس وٺي مهراڻ يونيورسٽي حوالي ڪيو ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج بلڊنگ جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيڻ تائين نيون داخلائون نه ڪيون ۽ سال 2003 ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي نگراني هيٺ  تعميراتي ڪم مڪمل ڪيو ويو ۽ سال 04-2003 جي بجيٽ ۾ڪاليج اندر تعليمي سرگرميون باضابطا طور شروع ڪرڻ لاءِ پهرين نان ڊولپمينٽ (رڪرنگ گرانٽ) جاري ڪئي ويئي ۽ ڪاليج اندر ٽيچنگ فيڪلٽي سان گڏ ٽيڪنيڪل ۽ ايڊمنسٽريٽو اسٽاف ڀرتي ڪيو ويو ۽ سال 2004 ۾ باضابطا طور تي تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ لاءِ داخلائن جو سلسلو شروع ڪيو ويو ماڻهن ۾ آرٽس اينڊ ڊزائين جي اهميت بابت ڄاڻ جي کوٽ سبب داخلائن جو گهربل ٽارگيٽ حاصل نه ٿي سگهيو پر فيڊرل ڪاليج جي انتظاميه همت نه هاري ۽ عوام ڀرپور شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري تعليمي سرگرميون جاري رکيون ۽ آگسٽ 2004 ۾ حڪومت فيڊرل ڪاليج کي اپ گريڊ ڪري ان کي سينٽر آف ايڪسيلينس ان آرٽس اينڊ ڊزائين ان مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو درجو ڏنو ۽ هن وقت سينٽر آف ايڪسيلينس ان آرٽس اينڊ ڊزائين ۾ 350 جي لڳ ڀڳ شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائين آرٽس، ڪميونيڪيشن ڊزائين، ٽيڪسٽائل ڊزائين ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هتي ماهر استادن ۽ اسٽاف سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر ليبارٽريون، لائبريري، ضروري ايڪيوپمينٽ مشينري، ٽرانسپورٽ ۽ هاسٽل جون سهولتون موجود آهن.

 سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر جو پيغام

                اسان جو مقصد فائن آرٽس، ڊزائين ۽ آرڪيٽيڪچر جي ڊسيپلنز ۾ معياري تعليم ۽ تحقيق فراهم ڪرڻ آهي. سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي شاگردن جي فني تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي مقصد سان قائم ڪيل سينٽر آف ايڪسيلينس جي منفرد ڳالهه اها آهي ته هتي NCA، لاهور وانگر شاگرد ۽ شاگردياڻين جو گهڻو تعداد امير گهراڻن بدران وچولي ۽ ديسي هنرن سان وابسته هاري، مزدور، پورهيت ۽ فنڪار گهراڻن سان آهي ۽ ان جو نتيجو اهو  ٿو نڪري ته اسان وٽ سينٽر ۾ ڪم ڪرڻ جو انداز نئين نسل کي  پنهنجي اباڻي ڪلچر سان رابطي ۾ به رکي ٿو يعني اسان جي سينٽر آف ايڪسيلينس ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجي اصليت تي هجن ٿا ۽ فن جي تخليق لاءِ اهڙي انساني وابستگي صرف اسان جي سينٽر آف ايڪسيلينس ۾ ئي نظر ايندي. هتي استاد اڪثر فطرتي ماحول جي بقا لاءِ پڻ تجربا ڪن ٿا، مثال طور هو مختلف گل وغيره اوٻاري ڪوري ڪپڙي کي انهن جي رنگن سان رڱي ڏسن ٿا ته قدرتي رنگن ۾ ڪپڙو ڪهڙو ڏيک ڏي  ٿو ۽ ان جو مقصد هي آهي ته ڪپڙن کي رڱڻ ۾ صحت کي نقصان ڏيندڙ ڪيميڪلز  جي استعمال کي گهٽايو وڃي. ان ڏس ۾نير جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ مان ڏيساور ڏيهه اماڻيو ويندو هو ۽ هتي اسان وٽ ڪپڙي جي رڱائي ۾ استعمال ٿيندو هو  هاڻ ان جو رواج گهٽجي ويو آهي پر سينٽر جا استاد ۽ شاگرد نير جي استعمال کي ٻيهر وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن تنهن کانسواءِ هن سينٽر جا استاد اڄڪلهه هڪ مثالي جيل جي ڊزائيننگ ۽ قيام جي پروجيڪٽ تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هو هن جيل کي ان انداز سان ڊزائين ڪري رهيا آهن ته اتي جيڪي به قيدي رکيا ويندا هتان ڪيترائي هنر سکي جڏهن ٻاهر نڪرندا ته هو ڏوهارين بدران هنرمندن جو ڏيک ڏيندا  تنهن کانسواءِ سينٽر جي شاگردن کي سندن پروجيڪٽس جي تڪميل جي ڏس ۾ مالي سهائتا جا منصوبا پڻ تڪميل هيٺ آهن ۽ ان سلسلي ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن HEC منسٽري آف ايجوڪيشن اسلام آباد ۽ گڏو گڏ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظاميه جا پڻ ٿورائتا آهيون جن جو مڪمل سهڪار  شامل آهي. اسان جي سينٽر جي استادن ۽ شاگردن جا ٺاهيل شاهڪار جڏهن نمائشن ۾ پيش ٿين ٿا ته اهي نه صرف پسند ڪيا وڃن ٿا بلڪه پرڪشش  قيمت تي خريد به ڪيا وڃن ٿا بهرحال اسان جا ڪن اسان جي ڏسندڙن ۽ گهڻ گهرن پاران بهتري جي ڏس ۾ اصلاحي تنقيد ۽ صلاح مشورا ٻڌڻ لاءِ تيار رهن ٿا ۽ اسان جون اکيون اهڙن صاحبان عقل و فهم ۽ شعور جون راهون نهارين ٿيون جيڪي اسان جي  هن سينٽر آف ايڪسيلينس کي سينٽر آف ايڪسيلينس بنائڻ جي ڏس ۾ اسان کي پنهنجي علم جي روشني ۾ جديد راهون اپنائڻ لاءِ رهنمائي عطا فرمائن. سنڌ جي شاگردن کي گهرجي ته سنڌ جي قديم هنرن، آرٽ ۽ فن کي بين الاقوامي سطح تي روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ بهتر روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ لاءِ اسان جي سينٽر آف ايڪسيلينس ۾ داخلا وٺڻ لاءِ گهربل اهليت حاصل ڪن. ڇو ته  مستقبل ۾ انهن کي ئي سڌريل قومن جي ميڙ ۾ ثقافتي ۽ تهذيبي ورثي جي دولت جي آڌار تي سنڌ کي ۽ سنڌ جي ماضي حال ۽ مستقبل جي تهذيب و ثقابت کي بين الاقوامي سطح تي بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻو آهي. ۽ سڌريل قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان گڏ پنهنجي  ثقافتي ورثي ۾ پڻ پاڻ ڀرو ٿيڻ لاءِ سينٽر آف ايڪسيلينس ان آرٽس اينڊ ڊزائين جي  ڪوششن کي ڪاميابين سان همڪنار ڪرڻ لاءِ اسان جون ڪوششون اهڙن نوجوانن جي آمد سان ئي ڪاميابيون ماڻي سگهن ٿيون.جيڪي  اسان جي ثقافت کي بين الاقوامي سطح تي  عالمي تهذيبن ۽ ثقافتن ۾ نمايا ڪري سگهن ٿا.