|
باڙا ۾مذهبي تنظيم جي آفيس
ميزائيل حملي ۾تباهه،ويڙهه،15 ڄڻا مارجي ويا،8مغوي عملدار
قتل،30ايف سي اهلڪار اغوا
پشاور (رپورٽ:
غلام رسول ڪنڀر) خيبر ايجنسي جي تعلقي باڙا ۾ مذهبي تنظيم جي
آفيس تي ميزائيل حملو، مذهبي گروپن ۾ ويڙهه، 15 ڄڻا مارجي ويا،
ڪرم ايجنسي ۾ هڪ ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 8 سرڪاري عملدار قتل، ايف
سي جا 30 اهلڪار اغوا. باڙا ۾ هڪ مذهبي تنظيم امر بالمعروف نهي
عن المنڪر جنهن جي اڳواڻي حاجي نامدار ڪندو آهي، ان جي مرڪزي
آفيس برڪم برخيل واري علائقي ۾ واقع آهي، آچر ۽ سومر جي وچ
واري رات جو 4 وڳي ڌاري ان مرڪز تي اڻڄاتل هنڌان ميزائيل
فائر ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت مڪمل طور تباهه ٿي پٽ
پئجي وئي ۽ ان جي مختلف حصن ۾ موجود 9 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته
ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي پشاور جي حيات آباد
اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، واقع بعد ۾ فرنٽيئر ڪور طرفان پشاور
جي صحافين کي باڙا جو دورو ڪرايو ويو، صحافي اتي پهتا ته مقامي
ماڻهن ٻڌايو ته رات جو علائقي جي حدن ۾ ڪيتري دير تائين جهاز
اڏامندا رهيا، جنهن بعد ڌماڪو ٿيو ۽ مذهبي تنظيم جو مرڪز تباهه
ٿي ويو ۽ اتي هڪ وڏي کڏ پئجي وئي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته فورسز
جي نگراني ۾ علائقي جي ڪجهه ماڻهن ميزائيل جا ٽڪرا هٽائي ثبوت
ختم ڪيا آهن، علائقي واسين موجب مارجي ويل مدرسي جا کٿابي هئا،
ان موقعي تي مقامي ماڻهن پاڪ ڪتاب جا شهيد ٿيل نسخا به
ڏيکاريا، جيڪي ان حملي ۾ شهيد ٿيا هئا، فرنٽيئر ڪور طرفان ان
موقعي تي انجنيئر فضل حسين صحافين کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته
ابتدائي جاچ ۾ اهو طئي نه ٿيو آهي ته اهو ميزائيل حملو آهي يا
ڊائنامائيٽ جو حملو آهي، ان جا ثبوت هٿ اچي سگهي نه سگهيا آهن،
هن چيو ته ميزائيل حملو هجي ها ته هتي وڏو کڏو پئجي وڃي ها، پر
اهڙا ثبوت هٿ نه آيا آهن، اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن عمارت ۾ ڪو
بارود رکيل هجي، جنهن سان ڌماڪو ٿيو هجي، پر ان بابت جاچ ڪئي
پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين ان عمارت جو ملبو نه هٽايو ويو هو،
جڏهن ته مارجي ويلن جا لاش دفنايا ويا هئا، باڙا ۾ هر هنڌ
بازارون کليل نظر آيون، جڏهن ته فورسز پڻ ڪرفيو ۾ نرمي ڪئي
هئي، فرنٽيئر ڪور جي اهلڪارن مقامي ماڻهن جا انٽرويو رڪارڊ ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندڙ صحافين کي ائين ڪرڻ کان سختي سان منع ڪيو، مذهبي
تنظيم جي ماڻهن عمارت جي تباهي بعد حڪومت کان اڍائي ڪروڙ رپين
جي معاوضي جي گهر ڪئي آهي. جڏهن ته فورسز طرفان باڙا ۾ مورچا
قائم ٿيل هئا ۽ فرنٽيئر ڪور جي مرڪز شاڪس قلعي ۾ فورسز جو وڏو
انگ گڏ ٿيل نظر آيو پر ڪالهه ڪارروايون بند پيل نظر آيون. ڪرم
ايجنسي جي علائقي مندوري مان هڪ ڏينهن اڳ اڻڄاتل هٿياربندن
هٿان هڪ ڏينهن اڳ اغوا ٿيل واٽرمئنيجمينٽ جي ضلعي آفيسر سوڌو 8
سرڪاري عملدارن کي قتل ڪري سندن لاش مندوري ۾ اڇلائي ڇڏيا، ڪرم
ايجنسي جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ عطا الرحمان موجب قتل ٿيلن کي
ويڙهاڪن هڪ ڏينهن اڳ اغوا ڪيو هو، اڄ قتل ڪري لاش اڇلايا ويا
آهن، ٻئي طرف ڪرم ايجنسي ۾ هٿياربند ايف سي جي 30 اهلڪارن کي
اغوا ڪري ويا، جنهن بعد طوري قبيلي جي هٿياربندن واقعي جي
ذميواري قبولي ورتي، طوري قبيلي جي ترجمان موجب اغوا ڪيلن کي
اهلڪار هجڻ سبب نه پر مخالف قبيلي منگل سان واسطو هجڻ سبب
اغوا ڪيو ويو آهي، طوري قبيلي موجب اغوا ڪيلن مان 28 ڄڻا منگل
قبيلي سان تعلق رکن ٿا، ڪرم ايجنسي جي پوليٽيڪل ايجنٽ اعظم
خان موجب فورسز جي اغوا ٿيل اهلڪارن جي بازيابي لاءِ علائقي
جي قبائلي اڳواڻن جو جرڳو جوڙيو ويو آهي، جيڪو سندن بازيابي
لاءِ طوري قبيلي سان ڳالهائيندو، ٻئي پاسي خانگي ٽي وي چينل
جي رپورٽ موجب خيبر ايجنسي جي علائقي تيراهه وادي ۾ ٻن گروپن
وچ ۾ ويڙهه جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.3 جو تعلق ذخاخيل ۽ 3
جو تعلق شلوبه قبيلي سان آهي.
|