سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيان ٿو، خدانخواسته ملڪ کي ڪجهه ٿيو ته عوام کي ڪير سنڀاليندو:آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ صدارتي اميدوار آصف علي زرداري چيو آهي ته صدر ۽ وزيراعظم جا عهدا هڪ پارٽيءَ وٽ هجڻ سان سياسي عدم توازن پيدا نه ٿيندو، ملڪ جي سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيان ٿو، ملڪ کي خطرا درپيش آهن، پ پ ملڪ بچائڻ جي سياست ڪري رهي آهي، خدانخواسته ملڪ کي ڪو نقصان پهتو ته عوام کي ڪير به سنڀالي نه سگهندو، اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعظم هائوس ۾ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ۽ هڪ انٽرويو ۾ ڪيو، هن چيو ته چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا، صدارت ملڻ بعد اصل امتحان شروع ٿيندو، جنهن لاءِ ڪارڪن تيار رهن، هن چيو ته سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيان ٿو ۽ انتظار ڪري رهيو آهيان ته اسان جا دوست سياست کي سمجهن، اسان ملڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، 6 سيپٽمبر بعد اسان جي سياسي بصيرت جو امتحان شروع ٿيندو، هن چيو ته مون صدارت لاءِ هڪ جيالي جو اعلان ڪيو هو، مون کي اها خبر نه هئي ته انهيءَ جيالي جو هار منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو ويندو، منهنجي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪندڙ اسيمبلين، لنڊن ۾ ويهي منهنجو نالو صدارت لاءِ تجويز ڪندڙ الطاف ڀائي سميت سمورن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي حمايت ڪئي آهي، هن چيو ته اسان جي سياسي بصيرت سبب وقت جي آمر پرويز مشرف استعيفا ڏني، جنهن تي اوهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو، مون پ پ جي صدارت امانت سمجهي قبول ڪئي، اسان جا ساٿي سمجهه کان ڪم وٺن، جيڪڏهن پاڪستان کي ڪجهه ٿي ويو ته 18 ڪروڙ ماڻهن کي ڪير سهارو ڏيندو، هن چيو ته توهان کي يوسف رضا گيلاني چيو ته بينظير ڀٽو جا انڪل سندس ساٿ ڇڏي ويا پر اسان بلاول ڀٽو جا انڪل سندس ساٿ نه ڇڏينداسين، مان ڪجهه دوستن کي چوان ٿو ته توهان سياست ۾ نابالغ آهيو، انهن دوستن جو اسان انتظار به ڪنداسين، ڀلي اهي پنهنجو قد وڌائي وٺن، جن دوستن کي حالتن جو احساس ناهي، انهن کي احساس ڏيارڻ چاهيان ٿو، آصف زرداري وڌيڪ چيو ته ماضيءَ ۾ صدر جي حد کان وڌيڪ اختيارن سبب ملڪ ۾ بحران پيدا ٿيا، انهن بحرانن جو سبب صدر جا اختيار هئا، هن چيو ته هو پارليامينٽ جي بالادستي چاهي ٿو ۽ وفاق ۽ صوبن ۾ گڏيل حڪومتن مان تاثر ملي ٿو ته ملڪ ۾ هڪ طرفو احتسابي عمل نه پيو ٿئي، هن چيو ته احتساب جو عمل پارليامينٽ جي نگراني ۾ شفاف ٿيڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فوج منهنجي صدر بڻجڻ جي مخالفت نه ڪندي، ذهني مرضن بابت خبرن تي تبصرو ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اولهه جي ميڊيا خاص ڪري منهنجي خلاف مهم هلائي رهي آهي.