|
ڪو به جج ٻيهر حلف نه کڻندو،سول
نافرماني تحريڪ هلائي سگهون ٿا:اعتزاز
لاهور
(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار جي صدر چوڌري اعتزاز احسن چيو
آهي ته عدليا جي بحالي بابت ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه ورتي ويندي نه
ئي شرط مڃيا ويندا، ڪو به با ضمير جج ٻيهر حلف نه کڻندو،
وڪيلن جي تحريڪ سول نافرماني تحريڪ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، ڪالهه
لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته
آصف زرداري سان ملاقات ٿي آهي ۽ هن مائينس ون فارمولي تي عمل
نه ڪرڻ جي پڪ ڏياري آهي، هن چيو ته امداد اعواڻ جي ٽيجهي ۾
خورشيد شاهه سان رسمي ملاقات ٿي ۽ ڳالهيون ٿيون.هن چيو ته
پيپلزپارٽي صدر مشرف کي تحفظ ڏيڻ بدران ان مو مواخذو ڪري، وڪيل
تحريڪ سڌو مقصد مشرف کي هٽائڻ ناهي، اسان جو مقصد ججن جي بحالي
آهي، جنهن ۾ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته 14
آگسٽ جي ڊيڊ لائين بعد ٻيهر اجلاس گهرائينداسين، جنهن ۾ لانگ
مارچ، پارليامينٽ هائوس اڳيان ڌرڻي، عدالتن جي تالا بندي ۽ سول
نافرماني تحريڪ سميت اهم فيصلا ڪيا ويندا.
|