رشيد نواني 16 اميدوارن کي هٿ کڻائي شهباز شريف کي ڀڪر مان بنا مقابلي چونڊرايو

ڀڪر: ايم اين اي رشيد اڪبر نواني 16 اميدوارن کي هٿ کڻائي ميان شهباز شريف کي ڀڪر مان بنا مقابلي ڪامياب بڻايو، جنهن بعد شهباز شريف وڏو وزير بڻيو، ايم اين اي رشيد اڪبر  نواني 1985ع کان سياست ۾ آهي، جنهن بعد سندس خاندان انهن 10 خاندانن مان هڪ آهي، جيڪو اڄ تائين اقتدار ۾ رهيو آهي پر نواني خاندان 7 چونڊن ۾ 11 سيٽون حاصل ڪيون، تنهن ڪري سياسي طور سڀ کان اهم خاندان آهي، گذريل سال (ق) ليگ طرفان اميدوار هو ۽ کٽيو ۽ چوڌري شجاعت کي هتان بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو ۽ پوءِ (ق) ليگ ڇڏي (ن) ليگ ۾ شامل ٿي ويو، ان کان اڳ هي آزاد اميدوار طور اليڪشن کٽي هئي، سندس ڀاءُ سعيد اڪبر 2 صوبائي سيٽن تي ڪامياب ٿيو، تنهن ڪري هن پي پي 48 تي ميان شهباز شريف کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو، انهن 16 اميدوارن کي هٿ کڻائي ميان شهباز شريف کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو ۽ ٽئين ڏينهن نوٽيفڪيشن جاري ٿيو، جنهن حلف کنيو ۽ وزيراعليٰ ٿي ويو.