اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

پنجاب ۾ دهشتگردي سکيا لاءِ ٽن ۽ ڇهن مهينن جا ڪورس ٿين ٿا:فاٽا سيڪريٽري

لاهور(بيورو رپورٽ) فاٽا جي چيف سيڪريٽري حبيب الرحمان دعوى ڪئي آهي ته دهشتگردن پنهنجو اثر قائم ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين ڇهه سو 600 قبائلي سردارن (ملڪن) کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. هن اها ڳالهه گورنر هائوس لاهور ۾ سينئر صحافين کي قبائلي علائقن جي صورتحال  جي حوالي سان انگن اکرن تي ٻڌل بريفنگ ڏيندي ڪئي. هن بريفنگ ۾ قبائلي روايتن، ايف سي آر سميت تاج برطانيا جي قبائلي علائقن جي حوالي سان پاليسين بابت پڻ صحافين کي تفصيل سان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته قبائلي علائقن ۾ نه قانون نه ئي رواج هلندو آهي، ان هوندي به پاڪستان حڪومت جو قبائلين سان 1947ع ۾ جيڪو معاهدو ٿيو هو، ان مطابق جيڪڏهن ڪير قبائلي علائقن ۾ ويهي پاڪستان جي سلامتي خلاف ڪم ڪندو ته ان کي پهرين مقامي قبائل پنهنجي رواج ۽ ريت مطابق روڪي سزا ڏيندا پر جيڪڏهن اهي ناڪام ٿي وڃن ته انهن خلاف فوجي ڪارروائي ڪئي ويندي . هن ٻڌايو ته پاڪستان ٺهڻ بعد پهريون ڀيرو موجوده فوجي آپريشن ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته قبائلي ڪنهن ماتحتي تسليم ڪرڻ لاءِ ته ڪڏهن به تيار ناهن هوندا، ان هوندي به انهن جو نظام ملڪ جي ذريعي هلندو آهي ۽ هڪ ملڪ يا قبائلي سردار رواج مطابق ان علائقي تي ڪنٽرول ڪندو آهي، هن ٻڌايو ته قبائلي علائقن ۾ صورتحال خراب ڪرڻ ۽ ان کي پاڪستان جي شهرن تائين منتقل ڪرڻ ۾ پرڏيهي ايجنسيون ملوث آهن، جن جو افغانستان ۾ انٽريسٽ آهي ۽ انهن ملڪن ۾ اسان جا دوست به شامل ٿي سگهن ٿا ته دشمن به، هن ٻڌايو ته دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ڏکڻ پنجاب ۾ آهي، جتي انهن جي مڪمل سکيا ٿئي ٿي، انهن جا ٽن ۽ ڇهن مهينن جا مڪمل ۽ شارٽ ڪورس آهن، هن انڪشاف ڪيو ته دهشتگردي جي تربيت ڪندڙن ۾ عورتون به شامل آهن، جيڪي 12 سالن تائين جي اسڪولي نينگرين کي سکيا ڏئي رهيون آهن. هن ٻڌايو ته قبائلي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف جنگ انتهائي ڏکي آهي پر ناممڪن ناهي، هن ٻڌايو ته دهشتگرد جن خندقن ۾ رهن ٿا اهي بم ۽ ميزائيل پروف آهن، ان کانسواءِ انهن پنهنجو نيٽ ورڪ هلائڻ لاءِ ۽ ڪاررواين کان بچڻ لاءِ زيز زمين سرنگهون ٺاهي رکيون آهن. هن ٻڌايو ته دهشتگرد اهڙي جديد هٿيار ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪن ٿا جيڪا اسان جي فوج وٽ به شايد ئي هيڊ ڪوارٽرن ۾ هجي.