اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
مشرف جي استعيفا بعد آصف ۽ نواز ججن جي بحالي لاءِ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن:جهانگير بدر لاهور (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري جهانگير بدر چيو آهي ته مشرف جي استعيفا بعد آصف زرداري ۽ نوازشريف ججن جي بحالي لاءِ صلاح مشورو شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن اهي ڳالهيون پنجاب اسيمبلي سامهون پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (نون) جي ڪارڪنن جي جشن ۾ شريڪ ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون، جهانگير بدر چيو ته صدر جي استعيفا جمهوريت جي فتح آهي، دنيا ۾ جتي به جمهوريت جي جدوجهد ٿي رهي آهي، ان کي ان سان هٿي ملندي ۽ اڄ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهن ۽ جمهوريت کانسواءِ دنيا ۾ ترقي جو ٻيو ڪو به رستو ناهي.
|