اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
قيادت فيصلو ڪري ته پنجاب ۾ پ پ حڪومت ٺاهي سگهجي ٿي:قاسم ضياءَ لاهور (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳواڻ قاسم ضياءَ چيو آهي ته جيڪڏهن پارٽي قيادت فيصلو ڪري ته صوبي ۾ پارٽي جي حڪومت ٺاهي سگهجي ٿي ۽ (ق) ليگ جي حمايت به حاصل ڪري سگهجي ٿي، هن اهي ڳالهيون لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيون، قاسم ضياءَ چيو ته جيڪي ماڻهو اڄ معاهدو ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ڇا انهن کي اهو ياد ناهي ته انهن 8 سالن تائين قوم کي چيو ته اهي ڪو معاهدو ڪري ٻاهر ناهن ويا ۽ جڏهن واپس اچي رهيا هئا ته انهن پاڻ ان معاهدي جو اعتراف ڪيو، هن چيو ته پيپلز پارٽي اڄ به چاهي ٿي ته مسلم ليگ (ن) سان مفاهمت ٿئي پر مسلم ليگ (ن) جذباتي فيصلو ڪيو آهي.
|