اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

مشاهد حسين اڪبر  بگٽي جي قتل واري سازش ۾ ملوث آهي:رئوف ساسولي

سکر(بيورو رپورٽ) جمهوري وطن پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري رئوف خان ساسولي چيو آهي ته (ق) ليگ جو صدارتي اميدوار سيد مشاهد حسين ۽ چوڌري شجاعت جي بدنيتيءَ سبب  شهيد اڪبر بگٽي سان ٿيل حڪومت جا مذاڪرات ڪامياب نه ٿيا.مشاهد حسين اڪبر بگٽي جي قتل واري سازش ۾ ملوث آهي ۽ اسان ان خلاف تمام جلد قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين.هو ڪالهه رات جو سکر پريس ڪلب ۾ صحافين  سان ڳالهائي رهيو هو.هن چيو ته وفاقي سرڪار پاران بلوچ اڳواڻن، سياسي ڪارڪنن جي آزادي وارو عمل انتهائي مثبت عمل آهي،ان سان بلوچستان ۾ جمهوري سوچ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته بلوچ عوام جمهوريت ۽ پارلياماني نظام جو مخالف ناهي،پر ماضي ۾ پارليامينٽ ۾ جيڪي قراردادون پاس ڪيون ويون،انهن تي عمل نه ٿيو، ان ڪري بلوچ عوام پارليامينٽ کان بدضن ٿيا. هن چيو ته اسان کي افسوس سان چوڻو  ٿو پوي ته شهيد اڪبر بگٽي جي ٻي ورسي واري تعزيتي جلسي ۾ زخمي ٿيندڙ اسان جي 52 ڪارڪنن بابت بلوچستان جي صوبائي حڪومت توڙي وفاقي سرڪار اسان سان نه رابطو ڪيو ۽ نه ئي ڏک جو اظهار ڪيو.هن نواز شريف کي اپيل ڪئي ته هو حڪومتي اتحاد کان الڳ ٿيڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري.