اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
ڪراچي ۾ سوين ٽرالر ۽ ڪنٽينر سامان کڻي سڄي ملڪ لاءِ روانا، بدترين ٽرئفڪ جام ڪراچي (بيورو رپورٽ) گڊز ٽرانسپورٽرن جي هڙتال ختم ٿيڻ شرط سوين ٽرالر۽ ڪنٽينر سامان کڻي سڄي ملڪ ۾ روانا ٿيڻ لاءِ نڪري پيا، جنهن سبب سائيٽ، گلبائي، جناح برج ۽ ماڙيپور روڊ تي بدترين ٽرئفڪ جام ٿي وئي، ٽرئفڪ پوليس پبلڪ ٽرانسپورٽ کي انهن روڊن ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، هزارين ماڻهو ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري گهرن تائين پهتا. ڊي آءِ جي ٽرئفڪ واجد دراني چيو آهي ته اڄ خميس ڏينهن شام تائين ٽرئفڪ جي معمول واري رواني شروع ٿي ويندي. هن چيو ته ٽرئفڪ پوليس ڪجهه ٽرالرز کي موچڪو وٽ روڪيو آهي، تڏهن به ٽرئفڪ جام آهي، ڊي آءِ جي ٽرئفڪ چيو ته ڪي پي ٽي تي اڍائي سئو ٽرالرن جي بيهڻ جي گنجائش آهي پر گڊز ٽرانسپورٽرن جي گذريل ستن ڏينهن کان هڙتال سبب اندرون ملڪ کان سامان کڻي ٽرالر ايندا رهيا ۽ اهي هتي بيهندا ويا، جنهن سبب هڪ هزار ٽرالر بيهجي ويا، گڊز ٽرانسپورٽرن جيئن ئي هڙتال ختم ڪئي ته هر ڪو جلدي نڪرڻ جي چڪر ۾ ڪنٽينر لوڊ ڪري نڪري پيو، جنهن سبب سائيٽ، گلبائي، جناح برج ۽ ماڙيپور روڊ جام ٿي ويا.
|