اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج 10 هزار جي نفسياتي حد وڃائي ڇڏي، 91 ارب لاٿ

ڪراچي(بيورو رپورٽ)ملڪ جي غير يقيني واري سياسي صورتحال ۽ اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 10 هزار پوائنٽن واري حد برقرار نه رکي سگهي، جنهن ڪري 221 ڪمپنيون بدترين ٻاڙائي جو شڪار ٿي ويون، جڏهن ته سيڙپڪارن جا 91 ارب 21 ڪروڙ رپيا ٻڏي ويا، ڪالهه ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ڪاروباري هفتي جي شروعات ٿيڻ شرط ئي بدترين ٻاڙائي جو شڪار ٿي وئي، جنهن ۾ هڪ موقعي تي  ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 10 هزار 282 پوائنٽون تي پهچي وئي پر پوءِ اوچتو لاٿ کائڻ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 318.21 پوائنٽون لاٿ کائي 9853 پوائنٽن تي بند ٿي، مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي هجڻ ڪري 278 ڪمپنين مان 221 ڪمپنيون گهاٽي ۾ هلي ويون، جڏهن ته سيڙپڪارن جي مجموعي طور تي 91 ارب 21 ڪروڙ 98 لک 56 هزار رپين کان وڌيڪ رقم ٻڏي وئي، سيڙپڪارن موجب ملڪ اندر غير يقيني واري صورتحال سان گڏ اسٽيٽ بئنڪ پاران انٽريسٽ ريٽ وڌائڻ جي ڪري مارڪيٽ لاڳيتو ٻاڙائي جو شڪار آهي. خانگي ٽي وي موجب رات دير سان ڪي ايس سي ۽ ايس اي سي پي جي گڏيل اجلاس ۾ ڪي ايس سي 100 انڊيڪس 9500 تي منجمند رکڻ جو فيصلو ڪيو،اجلاس ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي جو رجحان روڪڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا.