اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

حڪومت ڪراچي ۾ 50 لک سنڌين کي رهائش ۽ روزگار ڏئي:امير ڀنڀرو

ڪراچي(پ ر) سنڌ نيشنل پارٽي ڪراچي ڊويزن جو اجلاس پارٽي سربراهه امير ڀنڀرو جي صدارت ۾ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ (سنڌ مرڪز) تي ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻن رمضان بليدي، ڊاڪٽر دائود، محمد علي خشڪ، ڪراچي ڊويزن جي آرگنائيزر وارث ڏاهري، ڊاڪٽر مجاهد عباسي، سلطان بليدي، سائين بخش بنگلاڻي ۽ امير قمبراڻي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ڊويزن جي اليڪشن 20 جولاءِ تي سچل ڳوٺ ۾ منعقد ڪرائي ويندي، اجلاس ۾ پارٽي جي وائيس چيئرمين رمضان بليدي مٿان داخل ڪيل ڪوڙن ڪيسن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ پوليس آفيسرن کي برطرف ڪري انهن تي ڪيس هلايا وڃن، اجلاس کي خطاب ڪندي امير ڀنڀري چيو ته پ پ حڪومت کي کپي ته ڪراچي ۾ 50 لک سنڌين کي ڪراچي ۾ رهائش ۽ روزگار ڏئي، هن چيو ته پ پ جي ناڪامي جي صورت ۾ ان جي حالت ارباب رحيم جي ٽولي کان به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻن رمضان بليدي، دائود آٿو ۽ وارث ڏاهري خطاب ڪيو. ٻئي طرف ميهڙمان عيوضي موجب ايس اين پي جي وائيس چيئرمين رمضان بليدي تي سهراب ڳوٺ پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گهر تي چڙهائي خلاف ميهڙ ۾ ايس اين پي پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، احتجاجي ميڙاڪي کي ڪامريڊ انور کوکر ۽ ٻين خطاب ڪيو.