اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
سنگاڪارا ۽ جئه سوريا جون سينچريون،بنگلاديش کي 158 رنسن تان شڪست ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديشي ٽيم کي 158 رنسن تان شڪست ڏئي ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي ٻي ميچ کٽي ورتي، جڏهن ته سپر فور مرحلي ۾ بنگلاديش کي اها ٻي شڪست ملي آهي، سريلنڪن ٽيم پهرين کيڏندي سناٿ جئه سوريا ۽ ڪمارا سنگاڪارا جي شاندار سينچرين جي مدد سان 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 332 رنسون ٺاهيون، جئه سوريا ڪالهه ون ڊي جي تاريخ ۾ 6 هين تيز ترين سينچري هڻي پنهنجي 39 هين سالگرهه ملهائي، هن 55 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان سينچري مڪمل ڪئي، جڏهن ته هن ٽوٽل اسڪور 88 بالن تي 130 ٺاهيو، ان طرح جئه سوريا انگلينڊ جي جيف بائيڪاٽ کانپوءِ ٻيو بيٽسمين آهي، جنهن ايتري وڏي عمر ۾ سينچري ٺاهي آهي، هن جي اها 26 هين ون ڊي سينچري هئي، جڏهن ته ان فارم بيٽسمين ڪمارا سنگاڪارا هڪ هفتي ۾ اها ٽين سينچري ٺاهي آهي، سنگاڪارا 121 رنسون ٺاهيون، ٻنهي اوپنرز وچ ۾ 201 رنسن جي پارٽنرشپ پڻ ٿي، جئه سوريا ۽ سنگاڪارا جون وڪيٽون ڪرڻ بعد ٻيو ڪوبه بيٽسمين سٺو اسڪور ڪري نه سگهيو، بنگلاديشي بالنگ ۾ الوڪ ڪپالي ۽ فرحاد رضا 2-2 وڪيٽون ورتيون، 332 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ بنگلاديشي ٽيم 38.3 اوورن ۾ 174 رنسن تي ڍير ٿي وئي، راقب الحسن 52 ۽ ناظم الدين 47 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، مرلي ڌرن شاندار بالنگ ڪندي 5 بنگلاديشي بيٽسمينن کي آئوٽ ڪيو، اجنٽا مينڊس 2 ۽ چمندا واس هڪ وڪيٽ ورتي.
|