|
ڪراچي (بيورو رپورٽ) |
|
سنڌ سرڪار ۽ اي اين پي ڪراچي، لاکڙا ۽ خيرپور ۾ طالبان جي موجودگي وارين شاهدين کي رد ڪري ڇڏيو ڪراچي (رپورٽ: امتياز چانڊيو) سنڌ حڪومت ۽ اي اين پي ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي، لاکڙا ۽ خيرپور ۾ طالبان جي موجودگي بابت پيش ڪيل شاهدين کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اي اين پي جي سربراهه اسفنديار ولي سنڌ حڪومت کي ڪراچي کي ”فري ويپن زون“ قرار ڏيڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ ۾ اي اين پي مڪمل سهڪار ڪندي، ڪراچي سميت سنڌ ۾ ڪٿي به طالبان ناهن، ڇو ته ڪراچي ۾ ايندڙ 100 سيڪڙو آپريشن متاثر آهن، جيڪي طالبانائيزيشن جي واويلا ڪن پيا تن جا مقصد ٻيا آهن، اهي بهارين، برمين ۽ بنگالين جي ڇو مخالفت نه ٿا ڪن؟ گذريل ڏينهن اي اين پي جي سربراهه اسفنديار ولي سي ايم هائوس ۾ 13 رڪني وفد سان گڏ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، مڪاني ادارن وارو وزير آغا سراج دراني، تعليم وارو وزير پير مظهرالحق، قانون وارو وزير اياز سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. جڏهن ته اي اين پي سربراهه سان گڏ غلام محمد بلور، شاهي سيد، صوبائي وزير امير نواب ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. ذميوار ذريعن موجب ملاقات دوران اي اين پي جي سربراهه اسفنديار ولي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن، ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين اهم مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذميوار ذريعن موجب سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين پاران لنڊن ۾ ڏنل طالبانائيزيشن بابت ثبوت اي اين پي سربراهه اسفنديار ولي حوالي ڪيا، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پاران چيو ويو آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ طالبان موجود آهن. ان کانسواءِ ڄامشورو ڀرسان لاکڙا وٽ هزارين طالبان اچي ويا آهن، جيڪي ڪارروايون ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن ۽ خيرپور ۾ هڪ ڳوٺ پير صاحب آهي جتي سڄي ڳوٺ ۾ ماڻهن کي مٿي اگهاڙو هلڻ نه ٿو ڏنو وڃي ۽ ٽي وي ڏسڻ تي به پابندي آهي. ايم ڪيو ايم جي پيش ڪيل رپورٽن کي اي اين پي رد ڪندي چيو ته لاکڙا ۾ ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم ڪندڙ پختون شانگلا ۽ سوات سان واسطو رکندڙ آهن، جيڪي 30-40 سالن کان اتي پورهيو ڪري رهيا آهن ۽ پورهيتن کي طالبان نه سمجهيو وڃي، ڇو ته ڪوئلي جي کاڻين تي صرف شانگلا وارا ئي ڪم ڪري سگهندا آهن، ٻيو ڪير نه ٿو ڪري سگهي. گڏجاڻي ۾ پورهئي واري صوبائي وزير امير نواب دليل ڏنو ته ايم ڪيو ايم چوي ٿي ته ڪراچي ۾ طالبان وڊيو سينٽر بند ڪرائي رهيا آهن، اهو بلڪل غلط آهي ڇو ته جنهن هنڌ آئون رهان ٿو اتي وڏڙن وڊيو سي ڊي يا گهر ۾ ٽي وي ڏسڻ کان منع ڪئي آهي، خود منهنجي گهر ۾ به ٽي وي ناهي ته پوءِ ڇا آئون به طالبان آهيان؟ ايم ڪيو ايم شايد حڪومت کان ڌار ٿيڻ جا بهانا تلاش پئي ڪري، جڏهن ته گڏجاڻي ۾ اي اين پي هڪ اين جي اوز پاران ڪيل سروي رپورٽ پڻ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 200 خاندان آيا آهن، جيڪي ڪُل 21- سئو ڀاتين تي ٻڌل آهن، جن مان 12 سئو ٻارڙا، 400 عورتون ۽ 500 سئو مرد آهن ۽ اهي سڀ آپريشن متاثر آهن، انهن ۾ ڪوبه طالبان ناهي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته وڏي وزير اسان جي پارٽي سربراهه جي مان ۾ دعوت رکي هئي جنهن دوران ڪجهه سياسي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته اسان بلڪل پنهنجو صاف موقف رکيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به طالبان ناهن ۽ ڪراچي ايندڙ 100 سيڪڙو آپريشن متاثر ماڻهو آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جڏهن بهارين، برمين ۽ بنگالين تي اعتراض نه ٿي ڪري، جڏهن بهارين تي ڪا پابندي ناهي ۽ بنگالين کي بنگلاديش مان گهرائي آباد ڪيو پيو وڃي ته پوءِ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن تي ڇو پيو اعتراض ڪيو وڃي؟. شاهي سيد موجب گڏجاڻي ۾ گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پاڻ ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ ٻين اهم جاين تي حملو ڪرڻ جي تياري ڪندڙ گينگ جي 8 ڄڻن کي پڪڙيو ويو، جنهن ۾ هڪ به پختون ناهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪٿي به طالبانائيزيشن جو خطرو ناهي، پر ايم ڪيو ايم جو مقصد ٻيو آهي. هن چيو ته اسان اهڙي ڪابه تجويز ناهي ڏني ته ايم ڪيو ايم کي اتحاد مان ڌار ڪيو وڃي، نه ڪراچي ۾ ڪچين آبادين يا ٻين مسئلن تي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. جڏهن ته اي اين پي جي صوبائي وزير امير نواب ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي رپورٽن ۾ چيو آهي ته ڪراچي، لاکڙا ۽ پير ڳوٺ ۾ طالبان آهن ۽ ايم ڪيو ايم چوي ٿي ته لاکڙا ۾ 4 کان 5 لک طالبان اچي چڪا آهن. ان کانسواءِ پير ڳوٺ ۾ هڪ پير آهي جيڪو ڪنهن کي بنا ٽوپي هلڻ نه ٿو ڏي. هن چيو ته اسان جو صاف موقف آهي ته طالبان هتي موجود ئي ناهن ڇا اهو ممڪن آهي ته جيڪي انتهاپسند اسان جي سربراهه تي خودڪش حملو ڪن تن کي اسين وري ڪراچي ۾ پناهه ڏيون. ايم ڪيو ايم لاکڙا جو ذڪر ڪيو آهي پر اصل حقيقت اها آهي ته لاکڙا ۾ 30-40 سال نه پر انگريزن جي زماني کان وٺي شانگلا ۽ سوات جا پختون اتي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اهي طالبان ڪيئن ٿا ٿي سگهن، جڏهن ته لاکڙا ۾ 4-5 لک نه پر صرف 4-5 هزار پورهيت پختون آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بلڪل منهنجي گهر ۾ ٽي وي ناهي ته ڇا آئون به طالبان ٿي ويس، هن چيو ته اسان جي سربراهه سنڌ حڪومت کي اها آڇ ڪئي آهي ته ڪراچي کي فري ويپن زون (هٿيارن کان پاڪ) قرار ڏنو وڃي. پاڻ ئي خبر پوندي ته ڪير سنجيده آهي يا ڪير نه! اي اين پي ڪراچي کي امن وارو شهر ڏسڻ چاهي ٿي. ان لاءِ هرممڪن سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي وڏي وزير چيو ته بلڪل هن مسئلي تي ايم ڪيو ايم سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ ان کانپوءِ گڏجاڻي رکي ويندي. هوڏانهن سرڪاري پڌرائي موجب وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اسفنديار ولي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي، جن هميشه ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، جڏهن ته وڏي وزير اي اين پي سربراهه کي سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني ان کانسواءِ کيس اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو به پيش ڪيو. |