اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ٻاهران صحافين جو جيف لاسن خلاف مظاهرو

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) سريلنڪا هٿان آچر تي پاڪستاني ٽيم جي شڪست بعد ڪوچ جيف لاسن پاران پريس ڪانفرنس دوران صحافين سان بدتميزي ڪرڻ خلاف ڪالهه صحافين نيشنل اسٽيڊيم ٻاهران مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ڪوچ جيف لاسن صحافين کان معافي پڻ وٺي ڇڏي آهي، سريلنڪا هٿان 64 رنسن تان شڪست بعد جيف لاسن پريس ڪانفرنس ڪرڻ آيو، جڏهن ته ڪپتان شعيب ملڪ پريس ڪانفرنس لاءِ آيو ئي نه هو، جيف لاسن صحافين کي چيو هو ته مون کان اهڙا سوال نه ڪجو جنهن جو آئون جواب نه ڏئي سگهان، ڪو به 2 ڀيرا سوال نه ڪري، جنهن تي صحافي ڪاوڙجي پيا ۽ انهن کيس چيو ته توهان اسان کي نه سيکاريو، جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ جملن جي ڏي وٺي ٿي هئي.