سوات ۾ ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي دوران گولو گهر تي ڪريو،عورت ۽ 4 ٻار مارجي ويا

سوات (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوات ۾ گولو گهر تي ڪرڻ سبب عورت ۽ 4 ٻارڙا مارجي ويا، 10 ويڙهاڪ گرفتار ڪيا ويا آهن، خانگي ٽي وي چينل موجب خوازا خيلا جي علائقي ۾ فورسز ۽ مقامي طالبان سان ويڙهه جي نتيجي ۾ هڪ گولو گهر تي ڪريو، نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ 4 ٻارڙا مارجي ويا، سوات جي مٽا واري علائقي مان 10 ويڙهاڪ گرفتار ڪيا ويا آهن، هوڏانهن خيبر ايجنسي ۾ جرڳي ۾ 300 رضا ڪارن تي ٻڌل لشڪر جوڙي ورتو آهي، جيڪو انتهاپسندن خلاف ڪارروائي ڪندو، جڏهن ته سوات ۾ گيسٽرو متاثر ماڻهن جو تعداد 2200 ٿي ويو آهي، جيڪي مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، ٻئي طرف باجوڙ ايجنسي ۾ افغان پناهگيرن کي علائقي مان نڪرڻ لاءِ ڏنل ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ قبائلي لشڪر علائقو نه ڇڏيندڙ افغانين خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن مطابق مامود قبائلين جي لشڪر افغان پناهگيرن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، 8 افغان پناهگيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندن 15 دڪان سيل ۽ 5 ساڙيا ويا آهن.