(مانيٽرنگ ڊيسڪ/آن لائن)

”صحافت ڇڏي ڏيو“وانا جي 4 صحافين کي قتل جون ڌمڪيون

پشاور : ڏکڻ وزيرستان جي ويڙهاڪن 4 مقامي صحافين  کي صحافت نه ڇڏڻ جي صورت ۾ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، وانا ۾ 4 مقامي صحافين انور شاڪر، ظفر وزير، دين محمد ۽ خيال جان بابت پمفليٽ ورهائي کين ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، مجاهدين وزيرستان جي نالي سان جاري انهن پمفليٽن ۾ لکيو آهي ته اهي 4 صحافي فوري طور تي صحافت ڇڏي ڏين، ٻي صورت ۾ کين قتل ڪيو ويندو.