|
”ججن جي ٻيهر حلف جي حمايت نه ڪندس“:نواز شريف جو پ پ کي جواب اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ پاران نواز شريف سان اعليٰ سطحي رابطو ڪيو ويو هو ۽ کيس چيو ويو ته ڪجهه ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جا 10 جج حلف کڻندا، تنهن ڪري ان جي حمايت ڪريو، جنهن تي نواز شريف پ پ قيادت کي واضح طور چئي ڇڏيو ته آئون ان فيصلي جي حمايت نه ڪندس، پر آئون سمجهان ٿو ته اها عدليا جي آزادي جي تحريڪ سان غداري هوندي، تنهن ڪري اهڙي معاملي ۾ پ پ جي ڪنهن به عمل جو ساٿ نه ڏيندس.
|